نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) ڀارتي پرڏيهي وزير چيو آهي ته پاڪستان سان سنڌ طاس معاهدو ان وقت تائين معطل رهندو، جيستائين هو ”سرحد پار دهشتگردي“ بند نٿو ڪري.
پرڏيهي ميڊيا موجب خميس ڏينهن پنهنجي بيان ۾ جي شنڪر چيو ته سنڌ طاس معاهدو معطل آهي ۽ ان وقت تائين معطل رهندو، جيستائين پاڪستان طرفان سرحد پار دهشتگردي کي روڪيو نٿو وڃي.
هن چيو ته ڪشمير معاملي تي هڪ ئي ڳالهه ٿي سگهي ٿي ته پاڪستان پنهنجي قبضي هيٺ ڪشمير کي خالي ڪري، اسان ان تي ڳالهائڻ لاءِ تيار آهيون.
You might also like