لاهور (ويب ڊيسڪ) پاڪستان سپر ليگ (پي ايس ايل) 10 جي بچيل ميچن لاءِ بنگلاديش جو مشهور آل رائونڊر شڪيب الحسن لاھور قلندرز جي ٽيم جو حصو بڻجي ويو آهي.
لاهور قلندرز پاران جاري ڪيل بيان ۾ تصديق ڪئي وئي آهي ته شڪيب الحسن، زخمي ڊيرل مچل جي جاءِ تي اسڪواڊ جو حصو بڻيو آهي، جيڪو ڪراچي ڪنگز خلاف ميچ دوران انجري جو شڪار ٿيو هو، آل رائونڊر 17 مئي تي اسلام آباد ۾ ٽيم کي جوائن ڪندو.
ان ڏس ۾ شڪيب الحسن جو چوڻ آهي ته لاھور قلندرز لاءِ کيڏڻ ۽ پي ايس ايل جو حصو ٿيڻ تي خوشي محسوس ڪري رهيو آهي.
ٽيم ڊائريڪٽر ثمين رانا، شڪيب جي شموليت کي سٺو سنئوڻ قرار ڏيندي چيو ته سندس موجودگي سان ٽيم کي وڌيڪ سگهه ملندي.
ياد رهي ته جيڪڏهن شڪيب الحسن اٺن سالن کانپوءِ هڪ ڀيرو ٻيهر پي ايس ايل ۾ ايڪشن ۾ نظر ايندو.
You might also like