ڪوشل مينڊس آءِ پي ايل لاءِ حامي ڀري ورتي، پي ايس ايل انتظاميا پاران ڪارروائي جو چتاءُ

لاهور (ويب ڊيسڪ) ڪوئيٽا گليڊيئيٽرز جي سري لنڪن بيٽر ڪوشل مينڊس جي آءِ پي ايل ۾ شامل ٿيڻ جي خبرن تي نئون تڪرار پيدا ڪري ڇڏيو آهي، پي ايس ايل معاهدي باوجود آءِ پي ايل کي ترجيح ڏيڻ تي مينڊس کي نوٽيس جاري ڪيو ويندو.
ذريعن جو چوڻ آهي ته ڪوشل مينڊس پي ايس ايل معاهدو ائين ختم نه ٿو ڪري سگهي ۽ ليگ ظابطن جي ڀڃڪڙي تي کيس قانوني ڪارروائي کي منهن ڏيڻو پئجي سگهي ٿو.
واضح رهي ته ڪوشل مينڊس پي ايس ايل جي ڏهين ايڊيشن دوران ڪوئيٽا گليڊيئيٽرز جي نمائندگي ڪئي هئي، پر پاڪستان ۽ ڀارت وچ ۾ ڇڪتاڻ سبب سبب ليگ ملتوي ٿيڻ تي وطن واپس هليو ويو هو.
ٻئي پاسي آءِ پي ايل فرنچائز گجرات ٽائٽنز، زخمي جوز بٽلر جي جاءِ تي ڪوشل مينڊس کي پنهنجي اسڪواڊ ۾ شامل ڪري ورتو آهي.
واضح رهي ته ڪجهه ڏينهن اڳ پاڪستان ۽ ڀارت وچ ۾ جنگبندي جي اعلان کانپوءِ پي ايس ايل جون رهيل ميچون 17 مئي کان ٻيهر شروع ٿي رهيون آهن، ميگا ايونٽ جون باقي ميچون لاهور ۽ راولپنڊيءَ ۾ کيڏيون وينديون.
واضح رهي ته پي ايس ايل جي ڏهين سيزن جو فائنل فائنل 25 مئي تي ٽورنامينٽ جي ٻن ٽاپ ٽيمن وچ ۾ کيڏيو ويندو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.