ڀارت خلاف جنگ ۾ سپريم ڪمانڊر جي حيثيت سان صدر آصف زرداري به موجود هو: شرجيل ميمڻ

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ جي سينيئر وزير شرجيل ميمڻ چيو آهي ته اسان کي ذوالفقار علي ڀٽو ايٽمي قوت بڻايو، ڀارت خلاف تازي جنگ ۾ سپريم ڪمانڊر جي حيثيت سان صدر آصف علي زرداري به موجود هو، بلاول ڀٽو عالمي ميڊيا ۾ پاڪستان جي جنگ وڙهي.
ڪراچي ۾ تقريب کي خطاب ڪندي شرجيل ميمڻ چيو ته پاڪ فوج ڀارت کي منهن ٽوڙ جواب ڏنو، اهو تاريخ جي سونهري لفظن ۾ لکيو ويندو، دشمن کي شڪست ڏيڻ تي پاڪ فوج کي سلام پيش ڪيان ٿو.
هن چيو دنيا کي پيغام هليو ويو ته ايشيا جو سپر پاور پاڪستان آهي، ان جنگ کي 24 ڪروڙ عوام کٽيو آهي، پاڪستاني ميڊيا رڳو سچ ڏٺو ۽ ڳالهايو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.