انب کي ميون جو بادشاهه چيو ويندو آهي ۽ اهو نه رڳو ذائقي ۾ مٺو هوندو آهي پر صحت لاءِ به انتهائي فائديمند آهي.
ڇو ته هاڻي انبن جي مند آهي، تنهن ڪري هتي انب کائڻ جا ڪجهه اهم فائدا بيان ڪري رهيا آهيون.
توانائي وڌائي ٿو
انب ۾ قدرتي کنڊ (شڪر) هوندي آهي، جيڪا جسم کي جلدي توانائي فراهم ڪري ٿي، گرميءَ جي موسم ۾ انب ٿڪاوٽ کي گهٽ ڪري ٿو.
هاضمي لاءِ فائديمند
انب ۾ فائبر (ريشو) موجود هوندو آهي، جيڪو هاضمي کي بهتر بڻائيندو آهي، ان سان قبض جي تڪليف به گھٽ ٿيندي آهي.
مدافعتي نظام مضبوط
انب ۾ وٽامن C ۽ وٽامن A سٺي مقدار ۾ موجود هوندا آهن، جيڪي جسم جي مدافعتي نظام کي بهتر بڻائين ٿا ۽ بيمارين کان بچائين ٿا.
اکين جي صحت لاءِ فائديمند
انب وٽامن A سان ڀرپور هوندو آهي، جيڪو نظر کي تيز ڪرڻ ۽ اکين جي خشڪي کي روڪڻ ۾ مددگار آهي.
جلد کي فائدو
انب ۾ موجود اينٽي آڪسيڊنٽس چمڙي کي صاف، تازو ۽ صحتمند رکندا آهن، انب جي ککڙي چهري تي لڳائڻ سان به سٺا اثر پون ٿا.
دل جي صحت لاءِ فائديمند
انب پوٽاشيئم ۽ ميگنيشيم سان ڀرپور آهي، جيڪي رت جي دٻاءُ (بلڊ پريشر) کي ڪنٽرول ۾ رکڻ ۾ مدد ڪن ٿا ۽ دل جي بيمارين کان بچائين ٿا.
ڪينسر کان بچاءُ
انب ۾ پولي فينولز جي مقدار وڌيڪ هوندي آهي ۽ اهي نباتاتي مرڪب ڪينسر جي مختلف قسمن جي خطري کي گهٽائين ٿا.
خون ٺاهڻ ۾ مددگار
انب وٽامن B6، وٽامن K ۽ فوليٽ تي ٻڌل هوندو آهي، جيڪي رت جي پيداوار ۾ مدد ڏين ٿا.
You might also like