عمران خان شهباز شريف جي آڇ قبولي ورتي، پي ٽي آءِ اڳتي وڌڻ لاءِ تيار: ذريعا

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪستان تحريڪ انصاف (پي ٽي آءِ) جي باني ۽ اڳوڻي وزيراعظم عمران خان وزيراعظم شهباز شريف جي ڳالهين لاءِ ڏنل آڇ تي هاڪاري ردعمل ڏيندي حڪومت سان ڳالهين لاءِ راضپو ظاهر ڪيو آهي.
ذريعن موجب، سومر ڏينهن اڊيالا جيل ۾ پارٽي چيئرمين بئريسٽر گوهر علي خان سان ملاقات دوران عمران خان هن کي ڳالهين جي اجازت ڏني، پر عمران خان ان ڳالهه تي زور ڏنو ته اهي ڳالهيون ٽي وي ڪئمرائن ۽ ميڊيا جي جهرمٽ کان پري هئڻ گهرجن ته جيئن ڳالهيون نتيجا ڏيندڙ ثابت ٿين.
پارٽي جي اندروني حلقن جو چوڻ آهي ته هاڻي پي ٽي آءِ باضابطا طور تي حڪومت سان ڳالهين لاءِ رابطو ڪندي ۽ ان عمل کي ماضيءَ جي ناڪامين مان سکندي وڌيڪ سنجيدگي ۽ رازداري سان اڳتي وڌائيندي.
خيال ڪيو پيو وڃي ته اڳوڻين ڪوششن جي ناڪاميءَ جو وڏو سبب ميڊيا جي مداخلت ۽ سياسي پوائنٽ اسڪورنگ هئي.
ٻئي پاسي، اخبار دي نيوز جي رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته پي ٽي آءِ چيئرمين گوهر علي خان تصديق ڪئي ته وزيراعظم شهباز شريف جي آڇ عمران خان تائين پهچائي وئي آهي، پر هن ڳالهين جي تفصيلن تي تبصرو ڪرڻ کان انڪار ڪيو.
سندس چوڻ هو ته ”مان اهو ظاهر نه ٿو ڪري سگهان ته اسان جي وچ ۾ ڪهڙيون ڳالهيون ٿيون.“

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.