”عوامي آواز“ جي خبرن جو نوٽيس، ڪرپشن تي ايگزيڪيوٽو انجنيئر کي هٽايو ويو

ميرپورماٿيلو (رپورٽ: خالد وسير) آبپاشي کاتي گھوٽڪي ۾ ڪرپشن بابت روزاني عوامي آواز جي خبرن جو نوٽيس وٺندي ايگزيڪيوٽو انجنيئر گهوٽڪي کي هٽايو ويو، رپورٽ موجب آبپاشي کاتي گھوٽڪي جي آفيسرن ڪامورن سان ملي ڀڳت ڪري واهن، شاخن ۽ پلين جي مرمت لاءِ آيل ڪروڙين روپين جا فنڊ هڙپ ڪري ڇڏيا، گهوٽڪي ضلعي جي ڪنهن به واھ، شاخ ۽ پُل جو ڪو به مرمتي ڪم نه ٿي سگهيو آهي، ڪروڙين روپين جي ڪرپشن جون خبرون روزاني عوامي آواز ۾ ڇپجڻ بعد اختيارين نوٽيس وٺندي ايگزيڪيوٽو انجنيئر گهوٽڪي طارق مهر کي هٽائي ڇڏيو آهي، جڏهن ته ايڪسيئن ٽيوب ويل ذوهيب پتافي کي آبپاشي انجنيئر گهوٽڪي جي چارج ڏني وئي آهي، واضح، رهي ته آبپاشي کاتي گھوٽڪي ايم ايڊ آر جي مد ۾ ڪروڙين روپين جا بل پاس ڪرائي هڙپ ڪري ڇڏيا، جنهن بابت خبرون روزاني عوامي آواز ۾ ڇپجڻ بعد اختيارين نوٽيس وٺي خردبرد ڪيل فنڊن جي جاچ لاءِ ڪاميٽي پڻ جوڙي هئي، آبپاشي انجنيئر گهوٽڪي جاچ ڪاميٽي کي رڪارڊ پيش نه ڪري سگهيو، ان ڪري کيس عهدي تان هٽايو ويو آهي جڏهن ته وڌيڪ ڪاررواين جا پڻ امڪان آهن.

ڪميشن نه ملڻ تان آفيسرن وچ ۾ اختلاف ٿيڻ جو انڪشاف

ميرپورماٿيلو : ذريعن موجب ڪميشن نه ملڻ سبب آفيسر ۽ انجنيئر وچ ۾ اندروني اختلاف پيدا ٿيا جنهن بعد ڪرپشن جو ڀانڊو ڦاٽڻ بعد انجنيئر کي هٽايو ويو، ذريعن موجب گهوٽڪي ضلعي جي واهن، شاخن ۽ پلين جي مرمت جي مد ۾ آيل ڪروڙين روپين جا فنڊ هڙپ ٿيڻ بعد سينئر آفيسر ۽ انجنيئر وچ ۾ اختلاف ٿيا، ڪامورن وچ ۾ اختلافن بعد ڪرپشن جو ڀانڊو ڦاٽو جنهن بعد اختيارين جاچ ڪاميٽي جوڙي معاملي جي جاچ شروع ڪري ڇڏي.

مرمت نه ٿيڻ سبب واهن جون ٽٽل پُليون عوام لاءِ آزار بڻيل

ميرپورماٿيلو: گهوٽڪي ضلعي جي واهن شاخن ۽ پلين جي مرمت نه ٿيڻ سبب ڪيترن ئي واهن جون ٽٽل پليون عوام لاءِ آزار بڻيل آهن، جتي حادثا روز جو معمول بڻيل آهن، واهن جي ورهين کان کاٽي ۽ ڪپرن جيمرمت نه ٿيڻ سبب ڪپر ڪمزور ٿي ويا آهن، جنهن سبب واهن کي گهارا لڳڻ جو خدشو آهي، جڏهن ته ڪامورن آيل ڪروڙين روپين جا فنڊ ڪوڙن بلن ذريعي هڙپ ڪري ويا آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.