هندوتوا نظرئي مان خطي جي سلامتي کي خطرا آهن: صدر زرداري

اسلام آباد(م ڊ) صدر آصف علي زرداري چيو آهي ته هندوتوا نظرئي مان پوري خطي جي سلامتي کي شديد خطرا آهن، صدر آصف عليزرداري ڪالهه سي ايم ايڇ راولپنڊي جو دورو ڪيو، جتي هن ڀارتي جارحيت جي نتيجي ۾ زخمي ٿيل شهرين جي عيادت ڪئي، وفاقي گهرو وزير محسن نقوي ۽ ڪمانڊر 10 ڪور به گڏ هئا، صدر آصف زرداري اسپتال جي ڊاڪٽرن، طبي عملي، نرسنگ اسٽاف ۽ انتظاميا کي زخمي ماڻهن جي سار سنڀال تي شڪريو ادا ڪيو، ان موقعي تي صدر چيو ته قوم کي پنهنجي بهادر جوانن جي قربانين تي فخر آهي ۽ پوري قوم پنهنجي سپاهين ۽ شهرين جي قربانين کي سلام پيش ڪري ٿي، مودي حڪومت پاڪستان خلاف جارحيت کي سياسي مقصدن لاءِ استعمال ڪرڻ چاهي ٿي، پر پاڪستان جي خودمختاري ۽ قومي سلامتي تي ڪنهن به قسم جي رهڙ اچڻ نه ڏني ويندي، پاڪستاني قوم دشمن جي جارحيت جو ڄمي مقابلو ڪيو، پوري قوم ڪنهن به جارحيت کي منهن ڏيڻ لاءِ متحد، پرعزم، هوشيار آهي ۽ منھن ٽوڙ جواب ڏيڻ جي مڪمل صلاحيت رکي ٿي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.