سنڌ جي حصي جو وڌيڪ 3 لک 36 هزار ايڪڙ فوٽ پاڻي چوري

ڪراچي(رپورٽ: خدا ڏنو شاھ) سنڌ ۾ پاڻي جي کوٽ 35 سيڪڙو هجڻ باوجود سنڌ کي گڊو بئراج تائين حصي جو پاڻي ناهي ڏنو ويو، جڏهن ته رڳو تونسا کان گڊو بئراج تي روزاني سنڌ جو 26 کان 30 هزار ايڪڙفوٽ پاڻي پنجاب پاران چوري ڪرڻ جو انڪشاف ٿيو آهي، روزاني عوامي آواز کي مليل دستاويزي ثُبوتن توڙي مختلف ذريعن کان مليل ڄاڻ موجب سنڌ ۾ مئي جي ٻي ڏهي ۾ پاڻي جي کوٽ 35 سيڪڙو تائين بيھي رهي آهي جيڪا انتهائي بدترين کوٽ آهي جنهن سان سنڌ جي وچولي خريف کي شديد نقصان پهچي رهيو آهي، پاڻي نه ملڻ سبب سنڌ جو آڳاٽو خريف داءُ تي لڳي ويو پر هاڻ وچولي خريف جي پوکائي سخت متاثر ٿي رهي آهي، سنڌ سرڪار توڙي عوام جي بار بار احتجاجن ۽ مطالبن جي باوجود سنڌ کي پنهنجي حصي يا انڊينٽ موجب پاڻي گڊو بئراج بدران چشما وٽان ڏنو پيو وڃي جنهن ڪري سنڌ ۾ پاڻي جي کوٽ ختم ٿيڻ جو نالو ئي نه پئي وٺي، انگن اکرن موجب رڳو پهرين اپريل کان 14 مئي تائين 44 ڏينهن ۾ تونسا بئراج کان گڊو بئراج تائين  سنڌ جي حصي جو 7 لک ايڪڙ فوٽ پاڻي لائين لاسز جي نالي تي پنجاب چوري ڪري رهيو آهي، رڳو 2 مئي کان 14 مئي تائين 13 ڏينهن ۾ تونسا کان گڊو تائين سنڌ جي حصي جو 3 لک 36 هزار ايڪڙ فوٽ پاڻي لائين لاسز جي نالي تي چوري ٿي چڪو آهي، جيڪو روزاني جي حساب سان 26 هزار ايڪڙ فوٽ ٿئي ٿو ان پاڻي جو سنڌ کي ڪو حساب نٿو ڏنو وڃي، ٻي طرف پنجاب جهلم درياهه تان کڻت 32 هزار ڪيوسڪ مان گهٽائي 28 هزار ڪيوسڪ ڪندي بقايا روزاني جي بنيادن تي ايندڙ اضافي پاڻي پڻ بنا ڪنهن حساب جي منگلا ڊيم ۾ گڏ ڪري رهيو آهي ان عيوض پنجاب هڪ ته چناب درياھ جو سمورو پاڻي پاڻ استعمال ڪري رهيو آهي جنهن جو پاڻي پنجند اپ اسٽريم وٽ 10 هزار ڪيوسڪ هجڻ باوجود سنڌ لاءِ هڪ قطرو به ناهي ڇڏيو ويو مٿان وري سنڌو درياھ تان کڻت پڻ وڌائي ڇڏي آهي، سنڌ جي ٽنهي بئراجن جي ڪئنالن کي فقط 40 هزار ڪيوسڪ پاڻي فراهم ڪيو پيو وڃي ۽ پنجاب کي رڳو سنڌو درياھ تان 41 هزار 258 ڪيوسڪ پاڻي ڏنو پيو وڃي، تڪراري، غير قانوني ۽ ڌاڙيل فلڊ ڪئنالن ۾ 19 هزار 858 ڪيوسڪ پاڻي ڇڏيو ويو آهي، دستاويزن موجب چشما جهلم لنڪ فلڊ ڪئنال ۾ 12 هزار، تونسا پنجند لنڪ فلڊ ڪئنال ۾ 7858 ڪيوسڪ پاڻي ڇڏيو ويو آهي، ٿل ڪئنال ۾ 7500، سي آر بي سي ۾ 3800، جنهن مان 2500 ڪي پي لاءِ باقي 1300 هزار ڪيوسڪ پنجاب لاءِ، ڊيرا غازي خان ۾ 6000 هزار ڪيوسڪ، مظفر ڳڙھ ڪئنال ۾ 6000 هزار ڪيوسڪ ۽ ڪڇي ڪئنال ۾ 600 ڪيوسڪ پاڻي ڇڏيو ويو آهي، ٻي طرف تونسا ڊائون مان سنڌ لاءِ رڳو 88064 ڪيوسڪ پاڻي رليز ڪيو ويو آهي جنهن مان گڊو بئراج تائين پهچندي روزاني 30 هزار ايڪڙ فوٽ تائين پنجاب چوري ڪري رهيو آهي، ٻي طرف سنڌ جي بئراجن تي گڊو وٽ 62 سيڪڙو کوٽ برقرار آهي جتي 6500 ڪيوسڪ بجائي رڳو 2500 ڪيوسڪ پاڻي ڏنو ويو آهي، سکر بئراج وٽ 20 سيڪڙو کوٽ آهي، جتي ڪئنالن کي 39500 ڪيوسڪ بدران رڳو 31600 ڪيوسڪ پاڻي ڏنو ويو آهي، جڏهن ته ڪوٽڙي بئراج وٽ پاڻي جي کوٽ 62 سيڪڙو آهي جتي 15700 ڪيوسڪ جي جاءِ تي رڳو 5945 ڪيوسڪ پاڻي ڪئنالن کي ڏنو ويو آهي، اهڙي ريت سنڌ ۾ پاڻي جي مجموعي کوٽ 35 سيڪڙو آهي ۽ پنجاب ۾ پاڻي جي کوٽ زيرو آهي، ڇاڪاڻ ته پنجاب جي ڪئنالن کي گهربل سمورو پاڻي 98 هزار 650 ڪيوسڪ کنڌي تي ڏنو ويو آهي، ڊيمن ۾ الڳ ذخيرو ڪري رهيو آهي، واپڊا، ارسا ۽ پنجاب سنڌ جي سمورن احتجاجن کي نظر انداز ڪندي ڊيمن ۾ ذخيرو ڪرڻ سان گڏ سئو سيڪڙو پاڻي کڻي رهيا آهن جنهن ڪري هن وقت پنجاب جي کوٽ زيرو ٿي ويئي آهي ۽ ڊيمن ۾ پڻ 3 ڏهائي 346 ملين ايڪڙ فوٽ پاڻي گڏ ڪري ورتو آهي، جنهن حساب سان ڊيم هن وقت سان ئي 25 سيڪڙو ڀرجي ويا آهن، هوڏانهن سنڌ آبادگار بورڊ پاڻي جي کوٽ ۽ چوري تي سخت اعتراض واريندي مطالبو ڪيو آهي ته سنڌ کي حصي جو پاڻي گڊو بئراج تي ڏنو وڃي، سنڌ آبادگار بورڊ جي ترجمان اسلم نواز مري روزاني عوامي آواز سان ڳالهائيندي چيو ته چشما کان ڪوٽڙي بئراج تائين سنڌ جي حصي جي پاڻي جو 50 سيڪڙو چوري ۽ لائين لاسز جي مد ۾ ڏنو وڃي ته سنڌ ۾ پاڻي جي کوٽ ختم ٿي ويندي، ٻي صورت ۾ سنڌ ۾ پاڻي جي کوٽ وڌندي، ڇاڪاڻ ته مئي جي ايندڙ ٽين ڊيليز ۾ سنڌ جي بئراجن جي ايلوڪيشن 77 هزار ڪيوسڪس کان وڌي ويندي ۽ ايترو پاڻي بئراجن تي موجود ڪون هوندو، هن چيو ته ارسا ۽ پنجاب جي هٺ ڌرمي سبب سنڌ پاڻي جي بدترين کوٽ کي منهن ڏيئي رهي آهي هن وقت سنڌ کي پاڻي نه مليو ته مند هلي ويندي پوءِ جيڪڏهن برساتن سبب پاڻي ۾ واڌ ٿي ته اها سنڌ جي ڪهڙي ڪم جي ٿيندي، فصل ته ڪونه پوکجي سگهبا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.