ڪراچي(رپورٽ: ماريا اسماعيل) آل سنڌ لائرز ايڪشن جي چيئرمين عامر نواز وڙائچ ڪارپوريٽ فارمنگ سميت مسئلن بابت ڳالهين لاءِ جوڙيل ڪميٽي ٽوڙي ڇڏي، آل سنڌ لائرز ايڪشن ڪميٽي (ASLAC) جي چيئرمين عامر نواز وڙائچ، ڪارپوريٽ فارمنگ ۽ گرين پاڪستان انيشيئيٽو جي مسئلن تي سنڌ حڪومت سان رابطي لاءِ هڪ ڊائلاگ ڪميٽي قائم ڪئي هئي، ايڪشن ڪميٽي چيئرمين عامر نواز وڙائچ پاران جاري ڪيل نوٽيفڪيشن ۾ چيو ويو آهي ته ASLAC جي ڪنوينر رحمان ڪورائي جي ڏنل ڄاڻ موجب، 13 مئي 2025 تي ڪوٺايل گڏجاڻي ۾ سنڌ حڪومت جي وفد جي شرڪت ممڪن نه ٿي سگهي، هي افسوس جوڳو عمل آهي جيڪو هڪ سنگين ڪوتاهي ۽ حڪومت طرفان سنڌ جي ماڻهن لاءِ اهم معاملن تي تعميري ڳالهين ۾ شامل ٿيڻ جي عزم جي واضح کوٽ کي ظاهر ڪري ٿو، انڪري ڊائلاگ ڪميٽي کي فوري طور تي ختم ڪيو وڃي ٿو، معاملو هاڻي مناسب غور ۽ وڌيڪ ڪارروائي لاءِ آل سنڌ لائرز ايڪشن ڪميٽي ڏانهن واپس موڪليو ويو جيڪا معاملن کي ڏسي ڪري غور ويچار ڪندي، ياد رهي ته ڊائيلاگ ڪميٽي جوڙڻ کان پوءِ وڪيلن پاران ڪميٽي جي ميمبرن تي اعتراض واريا ويا هئا ته ڪميٽي ۾ حڪومتي پارٽي جي حمايتي وڪيل کي شامل ڪيو ويو آهي.
ڪارپوريٽ فارمنگ بابت سنڌ سرڪار سان هاڻي ڳالهيون نه ٿينديون:ايڊووڪيٽ اسرار چانگ
حيدرآباد(رپورٽر) هاءِ ڪورٽ بار ايسوسيئيشن حيدرآباد جي جنرل سيڪريٽري ۽ آل سنڌ لايرز ايڪشن ڪميٽي جي سيڪريٽري ايڊووڪيٽ اسرار حسين چانگ، ڪارپوريٽ فارمنگ بابت سنڌ حڪومت سان ڳالهين جي لاءِ جوڙيل ڊائيلاگ ڪميٽي کي ختم ڪرڻ جو اعلان ڪندي چيو آهي ته ڪارپوريٽ فارمنگ حوالي سان سنڌ حڪومت سان هاڻ ڪا به ڳالهه ٻولهه نه ٿيندي، جلد ئي آل سنڌ لايرز ايڪشن ڪميٽي جي گڏجاڻي سڏائي ڪارپوريٽ فارمنگ خلاف جدوجهد جي ٻئي مرحلي جي شروعات ڪئي ويندي. ڪالهه پنهنجي فيسبڪ پيج تي هاءِ ڪورٽ بار جي آفيس مان لائيو وڊيو پيغام جاري ڪندي ايڊووڪيٽ اسرار حسين چانگ چيو ته آل سنڌ لايرز ايڪشن ڪميٽي پاران ڪارپوريٽ فارمنگ بابت سنڌ حڪومت سان ڳالهه ٻولهه ڪرڻ جي لاءِ هڪ ڊائيلاگ ڪميٽي جوڙي وئي هئي، جيڪا اڄ ختم ڪرڻ جو اعلان ڪيو ٿو وڃي، ڊائيلاگ ڪميٽي جوڙڻ جو مقصد ڪارپوريٽ فارمنگ جي نالي ۾ سنڌ حڪومت جيڪي به زمينون ڪمپنين کي ڏنيون آهن، اهي فوري طور تي واپس ڪرائڻيون هيون، پر ڪميٽي ٺهڻ جي پهرين ڏينهن کان وٺي سنڌ حڪومت سنجيدگي جو مظاهرو نه ڪيو، اسان سان واعدو ڪيو ويو هو ته 7 مئي تائين ڪمپنين کي ڏنل زمينن جا تفصيل ۽ ڪارپوريٽ فارمنگ جي حوالي سان سمورا ڪاغذ ڪميٽي جي حوالي ڪيا ويندا، جن کي وڪيلن جي ڪميٽي ڏسي غور ويچار ڪندي ته جيئن 13 مئي تي ڪميٽي جي سنڌ حڪومت سان رٿيل گڏجاڻي ۾ ڳالهه ٻولهه ڪري سگهجي، سنڌ حڪومت پنهنجي واعدي تي عمل نه ڪيو ۽ 7 مئي تائين ڪو به ڪاغذ نه ڏنو ويو ۽ گڏجاڻي جي طئه ٿيل تاريخ 13 مئي به گذري وئي، پر سنڌ حڪومت ڪميٽي سان ڪو به رابطو نه ڪيو. هن چيو ته وڪيلن جي وچ ۾ مڪمل اتحاد آهي، سڄي سنڌ جون بارز ۽ نمائندا هڪ پيج تي آهن.
ڪئنالن جي اڏاوت عارضي طور بند ٿي آهي:مخدوم جميل الزمان
مٽياري(عوامي آواز نيوز)سروري جماعت جي روحاني پيشوا ۽ پ پ ايم اين اي مخدوم جميل الزمان چيو آهي ته پاڪستاني فوج دنيا جي بهترين فوج آهي،جنرل عاصم منير ۽ سڄي قوم کي مبارڪباد ڏيان ٿو ته دشمن کي اسان شڪست ڏني آهي،مٽياري ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته ٽرمپ کي جتي وڌيڪ مفاد نظر ايندو اوڏانهن ويندو،پاڪستان کي به اها پاليسي اختيار ڪرڻ گهرجي،اصولي طور سياستدانن کي به سرحدن تي وڃڻ گهرجي ها،پر اها جنگ بارڊر تي نه هوائن ۾ هئي،جيڪڏهن سرحدن تي جنگ لڳي ته سياستدانن کي جوانن سان گڏ اتي ضرور وڃڻ گهرجي،انهن جي حوصله افزائي ڪرڻ گهرجي،عوام جو ساٿ تمام ضروري هو، هن چيو ته هن جنگ ۾ سياستدانن جو ڪو به هٿ ناهي،رڳو فوج جو هٿ آهي،آئنده الله نه ڪري جنگ لڳي خاص طور تي ٿر جي سرحدن تي اسان جا قومي نمائندا موجود هئڻ گهرجن،هن چيو ته عمران خان جو پيرول تي قانوني طور آزاد ٿيڻ جو حق آهي،هن کي آزاد ڪرڻ گهرجي، سياسي ماڻهو کي فيلڊ ۾ مقابلو ڪرڻ گهرجي، پنهنجي مخالف کي جيل ۾ وجهي مقابلو نٿو ڪري سگهجي،هن چيو ته ڪئنالن جي اڏاوت عارضي طور بند ڪئي وئي آهي،مان ان جو ڪريڊٽ بلاول ڀٽو کي ڏيندس،بلاول پنهنجي سياسي زندگي جو ڏکئي ۾ ڏکيو فيصلو ڪيو جو هن اسلام آباد ويهي کين مڃرايو ته ڪئنال سنڌ لاءِ خطرناڪ آهن،بلاول صاحب جي پوزيشن ۾ ڪو ٻيو سنڌي حڪمران هجي ها ته ايئن نه ڪري سگهي ها،هن کي شابس آهي،هن چيو ته ڪئنال مستقل بند ڪرائڻا آهن ته سڀني کي بلاول سان گڏ بيهڻو پوندو،ڪئنالن خلاف تحريڪ دوران سنڌ جي محبت سان گڏ سياست به ٿي رهي هئي،ڪجهه ڌرين چاهيو ته پ پ وفاق ۽ سگهارين ڌرين سان وڙهي ، حڪومت مان نڪري اچي ۽ هنن کي وارو ملي،اها سياست ناهي،سياست اها آهي ته ماڻهو پنهنجي پاڻ کي بچائي،پنهنجي وطن کي بچائي،پنهنجي ماڻهن کي به بچائي،هن چيو ته هينئر به اليڪشن ٿئي پ پ وڌيڪ سيٽون کٽيندي،باقي جن سنڌ لاءِ ڌرڻا هنيا آئون انهن کي سلام پيش ڪريان ٿو،انهن اهو ڪم ڪيو جيڪو اسان پ پ وارا اڪيلي سر شايد ايترو جلدي نه ڪري سگهون ها،جيڪي ٻٻرلو ۾ ويٺا اهي اسان جي طاقت بڻجي ويا،هن چيو ته سنڌ ۾ مهاجرن ۽ سنڌين کي گڏ رهڻو آهي،ايم ڪيو ايم کي به سنڌ جي مفاد جي ڳالهه ڪرڻي پوندي.
ڪئنالن جو منصوبو مڪمل طور تي ختم ڪرائينداسين:سسئي پليجو
ڌاٻيجي(رپورٽ: مقصود احمد جوکيو) اڳوڻي سينٽر سسئي پليجو ڌاٻيجي ۾ ميڊيا سان ڳالهيون ڪندي چيو آهي ته سنڌ جي ناڻي، پاڻي ۽ وسيلن سميت سڄي سنڌ جي مظلوم ماروئڙن جي مالڪي ڪبي اسان اقتدار ۾ هجون يا نه هجون، سنڌ جي پاڻي تي ڪنهن به قسم جي سوديبازي کي ڪنهن به صورت ۾ برداشت نه ڪيو ويندو،جيستائين سي سي آئي سنڌ دشمن ڪينالن کي مڪمل رد نه ٿي ڪري تيسائين اسان جي جهدو جهد جاري رهندي .سسئي پليجو وڌيڪ چيو ته “ڪالاباغ ڊيم جيان ڪئنالن جو منصوبو مڪمل طور تي ختم ڪرائينداسين سڄي سنڌ، لاڙ پٽي وارن علائقن ۾ پاڻي جو شديد بحران آهي فصل نه ٿيڻ جي ڪري اتان جا ماڻهو لڏ پلاڻ تي مجبور ٿي ويا آهين هڪ سوال جي جواب ۾ چيو ته ساحلي ۽ ڪوهستاني پٽي ۾ زمينن تي جيڪا والار ٿي رهي آهي اها هتان جي مقامي ماڻهن کي اقليت ۾ تبديل ڪرڻ جي سازش آهي اهڙي ناانصافي کي ڪنهن به صورت ۾ قبول نه ڪيو ويندو،انهي موقعي تي يعقوب پليجو ،فاروق پليجو ۽ ٻيا موجودهئا.
ڪارپوريٽ فارمنگ منصوبن خلاف سموري دنيا ۾ تحرڪ پيدا ڪنداسين:وسند ٿري
حيدرآباد (پ ر) سنڌو درياهه تي نون ڪينالن، ڪارپوريٽ فارمنگ منصوبن ۽ عالمي مالياتي سامراجي ادارن طرفان ٽين دنيا جي ملڪن کي قرضن جي ڄار ۾ ڦاسائڻواري خطرناڪ منصوبن تي سنڌي عوام جو موقف رکڻ لاءِ سنڌياڻي تحريڪ جي مرڪزي اڳواڻ ايڊووڪيٽ ڪائنات ڏاهري نيپال رواني ان موقعي تي ڳالهائيندي عوامي تحريڪ جي مرڪزي صدر ايڊووڪيٽ وسند ٿري ۽ مرڪزي سينيئر نائب صدر نور احمد ڪاتيار چيو ته ڪئنال منصوبا سنڌي عوام لاءِ قاتل منصوبا آهن. ڪارپوريٽ فارمنگ منصوبن خلاف سموري دنيا ۾ تحرڪ پيدا ڪيو ويندو. سامراج دنيا کي پنهنجي منصوبن وسيلي ختم ڪرڻ چاهي ٿو. ڪارپوريٽ فارمنگ منصوبا عالمي سامراج جي سازش جو حصو آهن. هارين کي پنھنجي زمين تان بي دخل ڪري ڪارپوريٽ ڪمپنين کي زمينون ڏنيون وينديون،هن چيو ته عالمي سامراجي ادارن جي بي رحم استحصال تي ملڪ جي پارليامينٽ خاموش تماشائي بڻيل آهي. سپريم ڪورٽ جي ججن جا وات سبيل آهن. هڪ اکر ڳالهائڻ لاءِ تيار ناهن.