ڊونلڊ ٽرمپ جو سعودي عرب تي اسرائيل کي تسليم ڪرڻ تي زور

رياض (ويب ڊيسڪ) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ سعودي عرب تي اسرائيل کي تسليم ڪرڻ تي زور ڏنو آهي.
تقريب کي خطاب ڪندي ڊونلڊ ٽرمپ چيو خواهش آهي ته سعودي عرب اسرائيل سان لاڳاپا بحال ڪري، منهنجو خواب آهي ته سعودي عرب جلد ابراهيمي معاهدي ۾ شامل ٿي وڃي، سعودي عرب جو اسرائيل کي تسليم ڪرڻ منهنجي عزت افزائي هوندي.
هن چيو ته اها وچ اوڀر جي مستقبل لاءِ اهم اڳڀرائي هوندي، سعودي عرب اهو فيصلو مناسب وقت ۾ ڪري سگهي ٿو، دهشتگردي سبب غزا پٽي ۽ لبنان ۾ ڪيترن ئي ماڻهن جون جانيون ضايع ٿيون، غزا جي عوام سان ناروا سلوڪ تصور کان ٻاهر آهي، اهو ڀوائتو خواب هاڻ ختم ٿيڻ گهرجي.
سندس چوڻ هو ته دنيا ۾ امن لاءِ ايران سان ڊيل ڪرڻ چاهيان ٿو، ايران امن جي آڇ کي نظرانداز ڪيو ته پابندين بابت سخت پاليسيون جاري رکنداسين.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.