عالمي بينڪ جي صدر چيو آهي ته سنڌ طاس معاهدو معطل ڪرڻ جي ڪا گنجائش ناهي، ان معاهدي کي ڌرين جي مرضي سان ختم يا ان ۾ ترميم ڪري سگهجي ٿي پر هڪ طرفي طور معطل نٿو ڪري سگهجي.
هڪ انٽرويو ۾ عالمي بينڪ جي صدر اجي بنگا چيو ته ورلڊ بينڪ ان معاهدي ۾ ٽياڪڙ ناهي پر رڳو سهولتڪار طور موجود آهي، اهو معاهدو ٻن ملڪن وچ ۾ آهي ۽ ان بابت فيصلو به ٻنهي ملڪن کي گڏجي ڪرڻو آهي.
هن چيو ته معاهدو ختم ڪرڻ يا ان ۾ تبديلي لاءِ ٻنهي ملڪن جو رضامند هجڻ ضروري آهي، معاهدي ۾ تبديلي يا خاتمي جي حوالي سان شرط معاهدي ۾ موجود آهن.
You might also like