ڪراچي (ويب ڊيسڪ) آل سنڌ لائرز ايڪشن ڪميٽي جي چيئرمين عامر نواز وڙائچ ڳالهين واري ڪميٽي ٽوڙي ڇڏي.
سنڌ حڪومت جو وفد ڳالهين لاءِ نه پهچڻ تي وڪيلن ڪميٽي ٽوڙي ڇڏي، جنهن جو نوٽيفڪيشن پڻ جاري ڪيو ويو آهي.
پڌرائيءَ موجب گذريل ڏينهن سنڌ حڪومت جي وفد سان وڪيلن جي وفد جون ڳالهيون رٿيل هيون پر سنڌ حڪومت جو وفد نه پهچڻ تي وڪيلن جي ڳالهين واري ڪميٽي ٽوڙي وئي آهي.
لائرز ايڪشن ڪميٽي چيو ته اهو افسوسناڪ عمل ۽ ڪوتاهي آهي، حڪومت ڪارپوريٽ فارمنگ جي معاملي تي غير سنجيده آهي، ڳالهين واري ڪميٽي ختم ڪئي پئي وڃي.
عامر نواز وڙائچ چيو ته هاڻ آل سنڌ لائرز ايڪشن ڪميٽي جو اجلاس ڪوٺائي معاملي کي نئين سر ڏسنداسين.
وڪيلن طرفان ڪارپوريٽ فارمنگ تي سنڌ حڪومت سان ڳالهين لاءِ جوڙيل ڪميٽي ٽوڙڻ جو اعلان
You might also like