ڪراچي (ويب ڊيسڪ) وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي هدايت تي خيرپور ۾ ڌاڙيلن خلاف آپريشن ڪندي 12 مغوين کي بازياب ڪرايو ويو.
وزيراعليٰ جي ترجمان موجب وڏي وزير پوليس ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن کي هدايت ڏيندي چيو آهي تھ ڌاڙيلن ۽ قانون جي ڀڃڪڙي ڪندڙن خلاف آپريشن بنا رنڊڪ جاري رکيو وڃي.
هن وڌيڪ چيو تھ عوام جي جان ۽ مال جو تحفظ حڪومت جي پهرين ترجيح آهي ۽ ان ۾ ڪا به ڪوتاهي برداشت نه ڪئي ويندي.
سندس چوڻ هو ته سنڌ حڪومت امن امان جي بحالي لاءِ هر ممڪن قدم کڻي رهي آهي، عوام ڪنهن به شڪي حرڪت جو اطلاع ترت پوليس يا لاڳاپيل ادارن تائين پهچائي.
Prev Post
You might also like