راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) ڀارتي فوج جي بزدلاڻن حملن ۾ زخمي ٿيندڙ پاڪ فوج جا ٻه وڌيڪ جوان شهيد ٿي ويا آهن.
پاڪ فوج جي ترجمان اداري آءِ ايس پي آر موجب، شهيد جوان اسپتال ۾ علاج هيٺ هئا، پاڪ فوج جي شهيدن جو انگ وڌي 13 تائين پهچي ويو آهي.
آءِ ايس پي آر موجب، ڀارتي جارحيت دوران ڊيوٽي تي موجود 78 جوان زخمي ٿيا، جڏهن ته ڀارتي حملن ۾ 40 عام شهري ۽ 11 فوجي اهلڪار اڳ ئي شهيد ٿي چڪا آهن.
ترجمان چيو ته شهيدن جي عظيم قرباني سندن جرئت، فرض شناسي ۽ بي مثال حب الوطني لازوال مثال آهي، جن کي پاڪستان جون هٿياربند فوجون ۽ سڄي قوم خراج پيش ڪري ٿي.
آءِ ايس پي آر طرفان شهيدن جي وارثن سان دلي تعزيت جو اظهار ڪندي زخمي جوانن جي جلد صحتيابي لاءِ دعا پڻ ڪئي وئي.
ترجمان موجب، شهيدن جي قربانيون قوم جي يادن ۾ هميشه زنده رهنديون ۽ ايندڙ نسلن لاءِ فخر جو سبب بڻجنديون.
You might also like