انقرا (ويب ڊيسڪ) ترڪ صدر رجب طيب اردگان پاڪستاني قوم لاءِ پنهنجي حمايت جو واضح اعلان ڪري ڇڏيو.
ڪابينا اجلاس کي خطاب ڪندي رجب طيب اردگان چيو ته پاڪستان ۽ ڀارت وچ ۾ جنگبندي تي خوشي آهي، اسان ڪشمير ۾ دهشتگرد حملي ۽ پاڪستان تي ميزائل حملن تي واضح موقف ڏنو.
هن چيو ته اسان ٻنهي ملڪن ۾ ڇڪتاڻ گهٽائڻ لاءِ ڪوششون ڪيون، پاڪستاني ڀائرن کي صبر ۽ دانشمنداڻي موقف تي مبارڪباد پيش ڪيان ٿو.
سندس چوڻ هو ته ترڪيه پاڪستاني قوم سان سٺي ۽ بري وقت ۾ گڏ رهندو.
You might also like