ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پ پ سنڌ 15 مئي تي سڄي صوبي ۾ شڪراني جي ڏينهن طور ريليون ڪڍڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو.
پ پ سنڌ جي صدر نثار کهڙي ڪراچي مان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ته 15 مئي تي شام 5 وڳي سڀني ضلعي هيڊ ڪوارٽرز ۾ ريليون ڪڍيون وينديون.
هن چيو ته ڀارت جارحيت جو منهن ٽوڙ جواب ڏيڻ تي پاڪ فوج کي سلام پيش ڪيون ٿا، پاڪستان خطي ۾ امن جو خواهشمند آهي.
You might also like