حيدرآباد (ويب ڊيسڪ) سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جي صدر سيد زين شاهه ڪينالن ۽ زمينن جي الاٽمينٽ جي خاتمي تائين جدوجهد جاري رکڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو.
حيدرآباد ۾ وڪيلن کي خطاب ڪندي سيد زين شاهه چيو ته لکين ماڻهو چٽي موقف سبب اوهان سان گڏ بيٺا، سنڌ جي 13 کان 15 لک ايڪڙ زمين الاٽ ڪئي وئي آهي، ٺٽي، بدين، سجاول، عمرڪوٽ، خيرپور، گهوٽڪي، سانگهڙ ۽ دادو ضلعن ۾ زمين الاٽ ڪئي وئي آهي.
هن چيو ته تڪراري ڪينال عارضي طور پوئتي ٿيا آهن، انهن منصوبن خلاف سنڌ جي ماڻهن جو ريفرنڊم اچي چڪو آهي، انهن منصوبن آڏو جيڪڏهن سي سي آءِ، ڪورٽن ۽ اسيمبلين کي آندو ويو ته سنڌ جا ماڻهو انهن کي به قبول نه ڪندا.
سندس چوڻ هو ته تڪراري ڪينالن کي ختم ڪرڻ کانسواءِ ٻيو ڪو حل ناهي، زمينن جي الاٽمينٽ خلاف هلندڙ مهيني کان رابطا ۽ بيداري مهم شروع ڪئي ويندي، ڪمپنين حوالي ڪيل زمينون ظاهر ۽ واپس به ڪيون وڃن.
You might also like