آسٽريلوي رانديگر آءِ پي ايل کيڏڻ لاءِ ڀارت ويندا يا نه؟ بورڊ جو بيان سامهون اچي ويو

سڊني (ويب ڊيسڪ) ڪرڪٽ آسٽريليا چيو آهي ته انڊين پريميئر ليگ (آءِ پي ايل) ۾ شرڪت بابت آسٽريلوي ڪرڪيٽر پنهنجو فيصلو پاڻ ڪندا ۽ بورڊ سندن جي فيصلي جي حمايت ڪندو.
ڪرڪٽ آسٽريليا طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته ڀارت واپس وڃڻ يا نه وڃڻ جو فيصلو هر رانديگر جو ذاتي هوندو ۽ بورڊ سندن جي فيصلي جي حمايت ڪندو.
بيان ۾ چيو ويو آهي ته ٽيم مئنيجمينٽ ورلڊ ٽيسٽ چيمپيئن شپ جي فائينل لاءِ تيارين جو به جائزو وٺي رهي آهي، جيڪو ايندڙ مهيني 11 جون تي کيڏيو ويندو.
بيان موجب، جيڪي رانديگر آءِ پي ايل معطل ٿيڻ کانپوءِ ڏيهه واپس وريا هئا، تن جي تيارين تي پوندڙ اثرن جو به جائزو ورتو ويندو.
ڪرڪيٽ آسٽريليا جو چوڻ آهي ته سيڪيورٽي انتظامن بابت ڀارتي بورڊ ۽ آسٽريلوي حڪومت سان رابطو ۾ آهيون.
ياد رهي ته 9 مئي تي آءِ پي ايل جي معطلي کانپوءِ ڪيئي آسٽريلوي رانديگر وطن واپس هليا ويا هئا.
پاڪ-ڀارت جنگبندي کانپوءِ آءِ پي ايل 17 مئي کان ٻيهر شروع ڪرڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي، جڏهن ته ٽورنامينٽ جو فائينل 3 جون تي ۽ ورلڊ ٽيسٽ چمپيئن شپ جو فائينل 11 جون تي کيڏيو ويندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.