اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته آپريشن ”بنيان مرصوص“ ثابت ڪري ڇڏيو آهي ته پاڪستان جارحيت جو جواب ڏيڻ ڄاڻي ٿو، جڏهن ته ڀارتي حملن ۾ شهيد ٿيندڙ 40 بيگناهه شهرين جي قرباني کي سدائين ياد رکيو ويندو.
وزيراعظم ڀارتي جارحيت ۾ شهيد ٿيل عورتن ۽ ٻارن سميت 40 معصومن جي شهادت تي افسوس ڪيو ۽ پوئنرن لاءِ صبر جي دعا ڪئي.
پنهنجي بيان ۾ وزيراعظم چيو ته شهيدن لاءِ مالي پئڪيج جو اعلان ٿي چڪو آهي ۽ شهيدن جي خاندانن جي سنڀال جي ذميواري رياست ادا ڀرپور نموني انجام ڏيندي، کين اڪيلو نه ڇڏينداسين.
شهباز شريف جو چوڻ هو ته آپريشن بنيان مرصوص ڀارت کي واضع جواب ڏنو ۽ ڀارتي تڪبر کي ختم ڪري ڇڏيو. پاڪستان جي فوج ڀارت جي انگن اکرن واري سرسي جي غلط فهمي کي مٽيءَ ۾ ملايو.
وزيراعظم وڌيڪ چيو ته پاڪستان امن پسند ملڪ آهي، پر جيڪڏهن ڪو جارحيت ڪندو ته اسان جواب ڏيڻ جي مڪمل صلاحيت رکون ٿا.
Prev Post
You might also like