آمريڪا ۽ چين 90 ڏينهن لاءِ ٽيرف ۾ 115 سيڪڙو گهٽتائي تي راضي ٿي ويا آهن.
جنيوا ۾ چيني عملدارن جي ناڻي واري آمريڪي وزير اسڪاٽ بيسنٽ سان ملاقات ٿي، جنهن دوران ٽيرف گهٽائڻ تي اتفاق ٿيو، جنهن جو اعلان آمريڪي ناڻي واري وزير طرفان ڪيو ويو آهي.
ناڻي واري آمريڪي وزير جو چوڻ هو ته آمريڪا ۽ چين هڪ ٻئي جي وچ ۾ لاڳو واپاري ٽيرف ۾ 115 سيڪڙو تائين گهٽتائي تي رضامندي ظاهر ڪئي آهي، ٻنهي ملڪن فيصلو ڪيو آهي ته اهي قدم 90 ڏينهن لاءِ ختم ڪيا ويندا.
ٻئي پاسي چين جي واپاري واري وزارت جو چوڻ هو ته آمريڪا سان واپاري ڳالهين ۾ ڪافي اڳڀرائي ٿي آهي، ٽيرف ۾ گهٽتائي ٻنهي ملڪن ۽ سڄي دنيا جي گڏيل مفاد ۾ آهي، اميد آهي ته آمريڪا واپار جي معاملن تي چين سان گڏ ڪم ڪندو رهندو.
خابرو اداري موجب ڳالهين ۾ اهو طئي ٿيو آهي ته آمريڪا، چين مان درآمد ٿيندڙ شين تي 30 سيڪڙو ٽيرف لڳائيندو، جڏهن ته چين، آمريڪا مان درآمد ٿيندڙ شين تي 10 سيڪڙو ٽيرف لاڳو ڪندو.