مون کي گهوري رهيون آهن ڪالِي داسَ، ودياپتيءَ ۽ ڀرتري هريءَ جون اکيون ڀونر ڀونر اکيون، جن ۾ گُونجار آهي، ڪنول ڪنول لاءِ پياس آهي؛ مون کي گهوري رهيون آهن جائسيءَ ۽ خان خانان جون اکيون، ميگهه ملهار اکيون جن مان انسان دوستي ۽ رواداري برسي رهي آهي؛ مون کي گهوري رهيون آهن سورداس جون اکيون، جن ۾ جُڳ جُڳ جي جوت ٻَري رهي آهي، ميران جون هيڻيون ويهڻيون، سونهيون اَسونهيون اکيون؛ ڪبير، ڀٽائي، نانڪ ۽ ٽئگور جون اکيون، حقيقت جا سدا گُلابَ جن تي همه- اوست جو ھڳاءُ آهي؛ سرمد ۽ سرمست جون اکيون، لا الله جهڙيون پُرجلال ۽ باوقار اکيون-ها، اِهي اکيون مون کي گهوري رهيون آهن ۽ پُڇي رهيون آهن، ”ڇا تون اسان کان اکيون موڙي ويندين؟ ڇا هن ڌرتيءَ جي آرتيءَ ۾ تون پنهنجا ٻه ڏيئا نه جلائيندي؟“۽ مان ڏسي رهيو آهيان، هو آنڀوهه جو هر ڏسڻيءَ وائسڻيءَ اک لاءِ آلا ٽوئا جهلي بيٺو آهي ۽ جنهن کي ڏسي هر ڏاھو ڄاڻي واڻي انڌي جي ڏيکَ ڏئي رهيو آهي.مها ڪوي شيخ اياز جو مٿيون سٽون هن گهمسان واري ماحول سئو سيڪڙو پوريون لهن ٿيون، اڄ ٻنهي پاسي جيڪڏهن ڪو امن جي ڳالهه ڪري ٿو ته ان غدار ۽ ديس دروھي جي لقبن نوازيو وڃي ٿو، تنهنڪري اڄ امن جي پرچارڪن چپ کي ترجيح ڏني آھي ته متان سچ جو تاءُ سندن سِرُ ئي نه وڃائي ڇڏي.
انساني تاريخ جنگين جي تاريخ سان سلهاڙيل رهي آهي، جنگ جو پهريون واقعو قابيل هٿان هابيل جو قتل ٿيڻ وارو واقعو ڄاتو وڃي ٿو. مختلف دورن ۽ زمانن ۾ جنگ جا مختلف ڪارڻ ۽ سبب رهيا آهن.
جنگيون انساني تاريخ ۾ نهايت ئي ڀوائتيون ۽ خوفائتيون رهيون آهن، جن جي پاداش ۾ انسان ذات کي هزارين ذلتون ۽ مصيبتون پلئه پيون آهن.جنگي جنون ۾ وڪوڙيل ٻنهي پاسن جي حڪمرانن جي سزا، عام ماڻهو ڀوڳيندو آھي، راندين، فن ۽ محبت سان واڳيل دليون، ڪڏهن به اھو نه چاھينديون ته ايندڙ نسلن جي ذهنن ۾ نفرت جو زهر ڀريو وڃي.ٻنهي طرفن، آرٽ، نصاب، ۽ ميڊيا ذريعي نئين نسل کي اهو سيکاريو پيو وڃي ته ”اسين بهتر آهيون، اوهان ڪمتر آهيو“ جڏهن ته حقيقت هيءَ آهي ته نه اسان بهتر آهيون، نه هو گهٽ، اسان سڀ انسان آهيون ۽ انسانيت ئي اسان جو اصل تعارف هئڻ گهرجي.
اَڄُ سرحد جي ھُنَ پار کان هڪ خبر آئي آهي ته ٻنهي ٻنهي ملڪن ۾ جاري ڇڪتاڻ سبب انڊين پريميئر ليگ ( آءِ پي ايل) عارضي طور هڪ هفتي لاءِ معطل ڪئي ويئي آھي، گذريل ڏينهن پاڪستان سپر ليگ جي راولپنڊي ۾ رٿيل ميچ به سيڪيورٽي خدشن سبب ملتوي ڪئي وئي ھئي ۽ ھاڻي سموري ٽورنامينٽ دبئي منتقل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آھي.
خبرون ته اهي به آهن ته 30 کان وڌيڪ فلمساز ادارن ”آپريشن سندور“ جي نالي فلمون، ڊراما ۽ ويب سيريز ٺاهڻ لاءِ درخواستون جمع ڪرايون آهي، يعني هڪ ڀيرو ٻيهر، پردي تي جارحيت جا قصا ورجايا ويندا ۽ ڪبير، گوتم ۽ بابا گرو نانڪ جي محبت ۽ اهنسا جي فسلفي کي پٺي ڏني ويندي.۽ سرحد جي هِن پار وري نصاب ۾، رڳو جنگي فتحن جا قصا پڙهايا ويندا ۽ اسين ڀٽائي ۽ بُلي شاهه کان منهن موڙي ڇڏينداسين.هن ماحول ۾ راندين، آرٽ ۽ ادب سان سلهاڙيل ماڻهو، گهُٽجي گُهٽجي ۾ ساهه کڻي رهيا آھن، جيڪي چاهين ٿا ته امن جي فضا قائم هجي، راند روند جاري رهي، فن کي آزادي ملي ۽ ٻنهي طرفن مان ڪو هڪ به اهو نه چوي ”اسين توهان کي ماري ڇڏينداسين” پر ڪو ته اهو چوي ” اسان اوهان کي مرڻ نه ڏينداسين“ هر ڏينهنُ، مذهبي شدت پسنديءَ، تعصب، انا ۽ تڪبر وڪوڙيل سماج ۾ گهاريندي گذري ٿي ۽ هر گذرندڙ پل سان زندگي بي يقيني جي ڌٻڻ ۾ دٻجندي پئي وڃي.
مان اِهو نه ٿا ڄاڻو ته سڀان ڇا ٿيندو، يا جنگ ۾ ڪير کٽيندو، پر ايترو ضرور ڄاڻون ٿا ته جنگ ۾ هميشه انسانيت هارائي ٿي، نسل برباد ٿين ٿا، ماڻهو دربدري ۾ گذارين ٿا، بک ۽ اڃ وگهي مري وڃن ٿا.پر ٻنهي ملڪن جي عام لوڪن جي دماغ ۾ اها ڳالهه ڦٽ ٿي ويئي آهي ته ٻئي پاڙيسري هڪٻئي جا ازلي دشمن آهن ۽ “جنگ“ ئي مسئلن جو حل آھي پر کين اهو ڪير سمجهائي ته اهو خيال ڪرڻ به چريائپ آهي؟ پر اسان وٽ عوام کي ورغلائي چيو ويندو آهي ته ” جنگ“ ٿيڻ گهرجي، اها ئي سمورن مسئلن جو واحد حل آهي، ٻڌايو ڇا ڪڏهن “جنگ“ سان به مسئلا حل ٿيا آهن؟ اِھو زھر جو ڪاروبار ٻنهي طرفن کان تيزيءَ سان جاري آھي… ٻنهي ملڪن جي ميڊيا ڏينهن رات ڪوڙ بَڪي رھي آھي.عوام، سياستدانن ۽ جرنيلن جي ذهن ۾ اها سڀ کان وڏي غلط فهمي آهي ته جنگ سان ئي مسئلا حل ٿي ويندا آهن، جڏهن ملڪ تڪرارن ۾ ڦاٿل هوندا آهن ته انهن جو حل صرف ڳالهيون، آرٽ ۽ رانديون ھونديون آھن جيڪي رٺلن جوڙڻ جو ڪم ڏينديون آھن.
هن خطي ۾ آرٽ جو ڳلو ته ڪيئي ورهيه اڳ گُهٽيو ويو ھو، ھڪ ڪرڪيٽ ھئي جا ماضيءَ سدائين ٻنهي ملڪن کي ويجهو آڻڻ ۾ انتهائي ڪارائتو ڪردار ادا ڪيو ھو پر هاڻي ان مٿان به غيريقيني جا ڪڪر ڇائنجي ويا آھن.هيءَ راند شروع کان ئي سياست جو شڪار رهي آهي، ٻنهي ملڪن جي ڇڪتاڻ وارن صورتحال سبب ڪرڪيٽ سدائين ڏکيائين جي وڙ چڙهندي رهي آهي ۽ وري ڪرڪيٽ ئي ٻنهي ملڪن وچ ۾ سٺن لاڳاپن لاءِ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي.ان جو مثال ٻنهي ملڪن وچ ۾ سال 1960ع وٺي سال 1978ع جي 18 ورهين تائين ڪرڪيٽ لاڳاپا ڪٽيل رهيا. ان کانپوءِ سال 1987 کان سال 1999ع تائين ٽيسٽ سيريز ۾ وقفو رهيو ۽ موجودا ماٺار سال 2008ع ۾ ٿيندڙ ممبئي حملن کانپوءِ برقرار ھئي.
ڀارت ۾ اهو تاثر سدائين رهيو آهي ته ورهاڱي جي ذميوار ملڪ سان ڪنهن به قسم جا لاڳاپا نه رکيا وڃن ۽ پاڪستاني ڪرڪيٽ جي خاص ڳالهه اها آهي ته ان کي سدائين فوجي قومپرستي لاءِ استعمال ڪيو ويندو آهي، خاص طور تي جڏهن مخالف ٽيم ڀارت هجي.انهن سڀني ڳالهين کان وڌيڪ هي اهو خطو آهي جتي پاڪستان تي اهو الزام لڳندو آهي ته هو طور ڀارت ۾ دهشتگرد واقعن ۾ ملوث رهيو آهي ۽ وري پاڪستاني عوام جي نظرن ۾ ڀارت ۾ مسلمانن سان جيڪو ڪجهه ٿي رهيو رهيو ان لاءِ کين سبق سيکارڻ لاءِ مٿن اها اخلاقي ذميواري آهي ته انهن کي ڪرڪيٽ جي ميدان ۾ بڇڙو ڪجي ( بڇڙو ڪير پيو ٿئي سڀ ڏسئون پيا(
سڄي دنيا ۾ اهڙا مخالف ڪنهن ٻئي هنڌ نظر نه ايندا، جن جا پاڻ ۾ اهڙي قسم جي اختلاف هجن، اهڙي قسم جي پسمنظر سان گڏ ڀارت ۽ پاڪستان وچ ۾ ٿيندڙ مقابلن مان اميد ڪئي ويندي هئي ته اهي رڳو راند تائين محدود رهن ۽ ڪرڪيٽ پاڪستان ۽ ڀارت جي ڪيئي موقعن تي ويجهو پڻ آندو آهي.
سال 1999 جي عالمي ڪپ ۾ ٻئي ٽيمون هڪٻئي جي آمهون سامهون هيون ان وقت ڪشمير ۾ گارگل واري مقام تي ٻنهي ملڪن وچ ۾ جنگ جاري هئي، جڏهن ڀارت سال 2003ع ۾ پاڪستان جو دورو ڪيو ته گذريل پنج ڏهاڪن دوران پهريون ڀيرو پاڪستان هزارين ڀارتين کي ويزائون جاري ڪيون هيون ۽ عام پاڪستانين طرفان ڀارتي شهرين جي جي گرم جوشي سان آڌرڀاءُ ڪيو ويو هو، ان دوران لاهور ۽ ڪراچي ۾ ڀارتي مهمانن کي مفت سفر، رعايتي کاڌا ۽ خريداري ۾ رعايت سميت سندس تمام گهڻي مهمان نوازي ڪئي وئي هئي.پر رڳو پنج ورهين جي وٿي بعد 2008 وري ممبئي ۾ ڀوائتا حملا ٿيا جنهن جا پيرا به اقبال جي شاھينن ڏي آيا ۽ جنوري 2009 ۾ ڀارتي ٽيم پاڪستان جو رٿيل دورو نه ڪري سگهي. ان کانپو آءِ سي سي ايونٽن ۽ ايشيا ڪپ کانسواءِ سال ٻه هزار 2012ع واري سيريز بعد ٻنهي ملڪن ۾ ڪرڪيٽ رابطا بحال ناهن ٿي سگهيا ۽ سياست راند تي ايترو حاوي ٿي وئي جو اڄ آءِ پي ايل ۽ پي ايس ايل جون ميچون رد ٿي ويئون.ورهاڱي کان هنيئر تائين جنگ، شدت پسندي، دهشتگردي ۽ ايستائين ايٽمي هٿيارن جي خطرن بابت ڳالهيون ٿينديون رهيون آهن، ڀارت طرفان سدائين اهو چوندو رھيو آھي ته ڀارت هڪ اهڙي ملڪ سان ڪرڪيٽ ڪيئن کيڏي سگهجي ٿي جيڪو ان خلاف سدائين دهشتگردي جي حمايت ڪندو رهيو آهي.ڀارتي حڪمران جماعت بي جي پي جا ڪيئي پارليامنٽ ميمبر ۽ مذھبي انتها پسند جماعت شيو سينا جا اڳواڻ پاڪستان سان ڪنهن به قسم جي لاڳاپا رکڻ جي مخالف ڪندا رهيا آهن.پر کين اهو ڪير سمجهائي ته ڪرڪيٽ هڪ راند آهي جنهن کي راند جيئن ئي ڏسڻ گهرجي، رانديون ته امن ۽ محبتن جو پيغام هونديون آهن نه ڪي جنگن جو اعلان.اسان سرحدي ڇڪتاڻن ۾ فوجي جوانن جي موت تي مائرن جي جهوليون اجڙندي نٿا ڏسڻ چاهيون، اسان ته مهيندرسنگهه ڌوني جي هنج ۾ سرفراز احمد جي پٽ جون تصويرون ڏسڻ چاهيون ٿا .
اڄ اسان کي جوانن جي هٿن ۾ بندوقن واري روش بدران ويرات ڪوهلي پاران محمد عامر کي گفٽ ڪيل بيٽ وارو عمل کي ساراهڻ گهرجي.
اسان کي خوش ٿيڻ گهرجي بابر اعظم جي سالگرهه تي روهت جي شرڪت تي ۽ اسان کي سکڻ گهرجي رشڀ پنت مان ته ڪيئن هو زخمي شاهين کان سندس چڱ ڀلائي معلوم ڪرڻ لاءِ وٽس لڙي آيو هو .اسان ٻنهي ملڪن جي ڪرڪيٽرن جون گڏ اھڙيون تصويرون ڏسڻ چاھيون ٿا جنهن ۾ رانديگرن جي چهرن تي مُرڪ هجي.اسان چاهيون ٿا ته هي مسڪراهٽون، جيڪي امن جو پيغام بڻجن، اسان محبت جا داعي آهيون، نفرت ڪرڻ نه ڄاڻون ٿا، اسان گوليون نه گلاب چاهيون ٿا.
بقول شيخ اياز
مان اَمن جي فاختائن جهڙا پنهنجا شعر،
سرحد پار اڏاري رهيو آهيان.
اي سرحد پار جا پيارا شاعر!
جي تون به اهڙا شعر آسمان ۾،
اڇا ڪڪر ڪري اُڀارين،
جي توتي مينهڙا وسائي،
مون تي به اچي بوندون برسائين
ته ڪيڏو نه چڱو ٿئي!