آءِ ايم ايف ڀارتي مطالبو رد ڪري پاڪستان جي حمايت ڪري ڇڏي

اسلام آباد (م ڊ) آءِ ايم ايف ڀارت طرفان پاڪستان جي قرض پروگرام کي روڪڻ جي ڪوشش کي رد ڪندي پاڪستان جي حمايت جو  اعلان ڪري ڇڏيو. آءِ ايم ايف طرفان جاري ڪيل بيان ۾ واضح ڪيو ويو ته پاڪستان جي قرض پروگرام جي جائزي تي ايگزيڪٽو بورڊ جو اجلاس طئي ٿيل شيڊيول موجب اڄ ٿيندو جنهن ۾ ڪنهن قسم جي دير يا تبديلي ناهي ڪئي وئي. بيان موجب، هو پاڪستان ۽ ڀارت ۾ ڇڪتاڻ ۾ گهٽتائي لاءِ پراميد آهن. ناڻي واري وزير موجب اجلاس ۾ ملڪ کي آءِ ايم ايف وٽان 2 ڏهائي 3 ارب ڊالر جي فنانسنگ پيڪيج جي منظوري جو امڪان آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.