سنڌ ۾ مفت سولر ۽ ٻوڏ متاثرن لاءِ گھرن جي تعمير ۾ مخصوص اين جي اوز جا وارا نيارا؟

اسلام آباد(قربان بلوچ) سنڌ ۾ غريب خاندانن کي سولر سسٽم سنڌ سرڪار پاران فراھم ڪرڻ جو پروجيڪٽ  آندو ويوآھي. جنھن تحت ساڍا  4 لک غريب خاندانن کي سولر سسٽم مھيا ڪيو ويندو. جيڪي  اشتھار جاري ڪيا ويا آھن تن مطابق پھرين مرحلي ۾ 2 لک سولر ورھايا ويندا ۽ ٻئي مرحلي ۾ اڍائي لک سولر ورھايا ويندا. جڏھن تھ پھرين مرحلي جي شروعات ۾ 23 ھزار  سولر ورھائجڻ جي دعويٰ ڪئي پئي وڃيئ. ان معاملي ۾ اھو اسڪينڊل سامھون آيو آھي تھ ان جي قيمت ھڪدم 10 ھزار رپين مان وڌي 32 ھزار روپيا ٿي وئي آھي ۽ ڪنھن مسڪين کي اھو مفت ۾ نھ ملندو. سينٽ جي اقتصادي معاملن واري ڪميٽي ۾ سنڌ سرڪار جا نمائندا شريڪ ٿيا جتي ھنن ٻڌايو تھ ان سسٽم جي پھريون لاڳت 10 ھزار رپيا ھئي، جڏھن اعلان ڪيو ويو تھ اھا لاڳت 21 ھزار رپيا ٿي وئي  ڪمپنين 8 ھزار روپيا اضافي گھريا جيڪي جڏھن شامل ڪيا ويا تھ ان جي لاڳت وڌي 29 ھزار روپيا ٿي وئي  پر جيڪا آڇ يا ٻولي قبول ڪئي وئي اھا 32 ھزار روپيا في سسٽم قبولي وئي آھي. سو 22 ھزار روپيا في سسٽم تي  اھا واڌ ٿي وئي آھي. سو اھو ڪنھن کي مفت ۾ نھ ملندو 6 ھزار روپيا ڀرڻ سان گڏ ڪنھن نمائندي جي سفارش جي  بھ ضرورت ھوندي. ان ۾ ٻي اھم ڳالھھ اها آھي تھ  ان جي ورھاست جي ذميواري اين جي اوز جي ھوندي ، مخصوص اين جي اوز کي  اھا ذميواري ڏني وئي آھي. انھن نمائندن اھو بھ قبوليو تھ سنڌ ۾ ڪنسلٽنسي فيس  2 سيڪڙو آھي پر ھن ۾ جيڪا فيس سنڌ سرڪار ڀري ٿي سا 10 سيڪڙوآھي. سو اگر قيمت 32 ھزار آھي تھ 10 سيڪڙو اين جي او کي ڏنا ويندا  باقي رقم ڪنھن ڊونر جي ھوندي يا سنڌ سرڪار جي جيڪا عوام جي کيسي مان ويندي. اسٽينڊنگ ڪميٽي ۾ جيڪو ٻيو ڀانڊو  ڦاڙيو ويو سو سنڌ ۾ ٻوڏ متاثرن لاءِ گھرن جي تعمير جو ھيو. جنھن جي مجموعي لاڳت 160 ارب روپيا آھي. جنھن مان 140 ارب روپيا ورلڊ بينڪ جو قرض آھي  باقي سنڌ سرڪار جا پيسا ھوندا. سو اھو 140 ارب روپين جو قرض مستقبل ۾ سنڌ سرڪار  کي واپس ڪرڻو آھي سو بھ وياج سميت. ان ۾ بھ پنج کان ڇھھ اين جي اوز شامل آھن. ان مان في اين جي او في گھر ساڍا  ڏھھ ھزار روپيا ڏنا ويندا. سنڌ جي نمائندن وٽ انھن اين جي اوز جا تفصيل نھ ھيا  جنھن تي اسٽينڊنگ ڪميٽي کين چيو تھ جيڪي اين جي اوز انھن ٻنھي منصوبن ۾ شامل آھن انھن جا تفصيل ڏنا وڃن. سو ان معاملي تي  ڪميٽي سوال اٿاريا آھن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.