اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪستاني فوج ڀارت جي بزدلاڻي حملي جو ڀرپور جواب ڏئي رهي آهي، ڀارت جي حملي تي اسلام آباد ۾ مقرر ڀارتي ناظم الامور کي پرڏيهي آفيس طلب ڪري سخت احتجاج رڪارڊ ڪرايو ويو.
ڀارتي ناظم الامور کي پرڏيهي وزارت ۾ طلب ڪري آگاهي ڏني وئي ته انهن حملن جي نتيجي ۾ عورتن ۽ ٻارن سميت ڪيترائي بيگناهه شهري شهيد ۽ زخمي ٿيا آهن.
پرڏيهي وزارت جي ترجمان موجب، ڀارتي ناظم الامور کي خبردار ڪيو ويو ته ڀارت جو غير ذميواراڻو رويو علائقائي امن ۽ استحڪام لاءِ سنگين خطرو آهي.
ترجمان جو چوڻ هو ته ڀارت جو جارحاڻو قدم پاڪستان جي خودمختياري جي سڌي سنئين ڀڃڪڙي آهي، ڀارت جا اهي قدم گڏيل قومن جي چارٽر ۽ عالمي قانون جي خلاف آهن ۽ پاڪستان ڀارت جي دشمني تي ٻڌل الزام بازي کي سختي سان رد ڪري ٿو.
You might also like