ڀارت جا ميزائل حملا، پاڪستان جو جوابي وار، 5 ڀارتي جنگي جهاز ۽ برگيڊ هيڊ ڪوارٽر به تباهه

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) ڀارتي فوج طرفان 6 ۽ 7 مئي جي وچ واري رات پاڪستان جي مختلف علائقن تي ٿيل ميزائيل حملن جي نتيجي ۾ 26 بيگناهه شهري شهيد ۽ 46 ڄڻا زخمي ٿي پيا آهن.
پاڪ فوج جي ترجمان اداري آءِ ايس پي آر جي سربراهه ليفٽيننٽ جنرل احمد شريف مطابق، ڀارت آزاد ڪشمير سميت پاڪستان جي 6 هنڌن تي حملو ڪيو، جن ۾ شهري آبادي ۽ مذهبي جاين خاص طور تي مسجدن کي نشانو بڻايو ويو.
ڊي جي آءِ ايس پي آر موجب، شهيدن ۾ 2 نينگريون، 7 عورتون ۽ 4 مرد شامل آهن، جڏهن ته ڪيترائي زخمي مختلف اسپتالن ۾ علاج هيٺ آهن.
جنرل احمد شريف ڀارتي ڪارروائي کي ” رات جي اونداهيءَ ۾ بزدلاڻو وار“ قرار ڏيندي چيو ته پاڪستان ان جو ڀرپور جواب ڏنو ۽ ڏيندو رهندو.
سندس چوڻ هو ته ڀارت جي اهڙي جارحيت پاڪستان جي صبر جو امتحان وٺڻ جي ڪوشش آهي، پر پاڪ فوج پنهنجي عوام ۽ سرحدن جي حفاظت لاءِ هر لمحي تيار آهي.
پاڪستاني فوج جي ترجمان ليفٽيننٽ جنرل احمد شريف چوڌري چيو ته ڀارت رات جي اونداهيءَ ۾ پاڪستان تي حملو ڪيو، شهري آبادي ۽ مسجدن کي نشانو بڻايو ويو.
پريس بريفنگ دوران ڊي جي آءِ ايس پي آر چيو ته ڀارت طرفان مسجدن تي ٿيل حملا مودي حڪومت جي ان تنگ نظر سوچ جي عڪاسي ڪن ٿا، جنهن ۾ اقليتن، خاص ڪري مسلمانن کي نشانو بڻايو پيو وڃي.
جنرل احمد شريف واضح ڪيو ته جن هنڌن تي حملا ڪيا ويا، اهي ساڳيا علائقا آهن جتي هڪ ڏينهن اڳ ئي پاڪستاني ۽ عالمي ميڊيا دورو ڪيو هو ۽ اتي عام شهري آبادي موجود هئي، جنهن جو ثبوت دنيا جي سامهون موجود آهن.
ترجمان موجب، پاڪستان طرفان ڀارتي جارحيت جو اثرائتو جواب ڏنو ويو ۽ پاڪستان جي فضائي حدن ۾ موجود 5 ڀارتي جنگي جهازن ۽ هڪ ڊرون تباهه ڪيو ويو آهي.
سندس چوڻ هو ته ڀارتي حملي دوران آزاد ڪشمير ۾ نيلم-جهلم هائيڊرو پاور پروجيڪٽ کي به نشانو بڻايو، جنهن دوران نوسيري ڊيم جي ڍانچي کي به نقصان رسيو آهي.
جنرل احمد شريف چيو ته ڀارت جي ڪارروائي جو مقصد پاڪستان جي آبي ذخيرن کي نقصان پهچائڻ آهي، جيڪو آبي دهشتگردي جي بدترين مثال آهي.
هن چيو ته ”ڇا جنگي ۽ بين الاقوامي قانونن ۾ اجازت آهي ته ڪنهن ملڪ جي آبي ذخيرن، ڊيمن يا هائيڊرو اسٽرڪچرز کي نشانو بڻايو وڃي؟“
ترجمان پاڪ فوج ان کي ناقابل قبول ۽ خطري سان ڀريل حملو قرار ڏيندي خبردار ڪيو ته ڀارت جي اهڙي روش جا سنگين نتيجا نڪرندا.
هن سوال اُٿاريندي چيو ته ڇا ڀارت کي خبر آهي ته ان قسم جي ڪارروائي جا نتيجا ڪهڙا ٿي سگهن ٿا؟ ڇا هو سمجهي ٿو ته ڊيمن کي نشانو بڻائڻ جو مطلب ڇا آهي؟

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.