ڀارتي ارب پتي کي دبئي ۾ پنج سال ٽيپ

دبئي (ويب ڊيسڪ) دبئي جي فوجداري عدالت ڀارتي واپاري بلويندر سنگهه ساهني کي 150 ملين درهم جي مني لانڊرنگ جي الزام هيٺ ڏوهاري قرار ڏيندي 5 سال قيد، 5 لک درهم ڏنڊ ۽ ملڪ نيڪاليءَ جي سزا ٻڌائي ڇڏي.
پرڏيهي خابرو اداري موجب، عدالت غير حاضر جوابدار کي به قيد، ڏنڊ ۽ ڏيهه نيڪالي جي سزا ڏني، بلويندر سنگھه ساهنيي کي پنهنجي سزا مڪمل ڪرڻ کانپوءِ دبئي مان ڊيپورٽ ڪيو ويندو.
واضح رهي ته هي ڪيس 2024 ۾ دبئي جي بر دبئي پوليس اسٽيشن ۾ داخل ڪيو ويو هو، جنهن ۾ شيل ڪمپنيون، جعلي تجارتي ڀائيواريون۽ شڪي مالي ڏيتي ليتي ۾ شامل هئي.
ساهني خلاف اِهو ثبوت پيش ڪيو ويو ته هن عالمي سطح تي مني لانڊرنگ لاءِ هڪ وسيع نيٽ ورڪ قائم ڪيو هو.
ساهني سان گڏ هن ڪيس ۾ سندس پٽ سميت 32 ٻين جوابدارن کي پڻ مجرم قرار ڏنو ويو آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.