ڪراچي (ويب ڊيسڪ) جيڪڏهن توهان روزانو ڪڪڙ کائڻ جا عادي آهيو ته اها عادت توهان کي سرطان جهڙي موتمار مرض ۾ وڪوڙي سگهي ٿي.
رسالي ”نيوٽريشنز“ ۾ ڇپيل تحقيق ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته ڪڪڙ جو وڌيڪ استعمال هاضمي واري نظام سان لاڳاپيل ڪئنسر جي مختلف قسمن جو خطرو وڌائي سگهي ٿو.
عام طور تي ڪڪڙ کي صحت لاءِ فائديمند پروٽين جو ذريعو سمجھيو ويندو آهي، پر هن تحقيق جا نتيجا ان سوچ جي ابتڙ آهن.
تحقيق ۾ ٻڌايو ويو آهي ته جيڪڏهن هفتي ۾ 300 گرام کان وڌيڪ ڪڪڙ جو گوشت کاڌو وڃي ته ڪنهن به سبب جي ڪري موت جو خطرو 27 سيڪڙو تائين وڌي سگهي ٿو.
اهڙي طرح هفتي ۾ ايتري مقدار ۾ ڪڪڙ کائڻ سان هاضمي واري نظام سان لاڳاپيل ڪينسر جي مختلف قسمن ۾ مبتلا ٿيڻ جو خطرو 2.3 سيڪڙو تائين وڌي سگهي ٿو، خاص طور تي مردن ۾ هي خطرو 2.6 سيڪڙو وڌيڪ آهي.
ان کان اڳ ڳاڙهي يا پروسيس ٿيل گوشت کي سرطان جو سبب ڄاتو ويندو هو، پر هي پهريون ڀيرو آهي جو ڪڪڙ کي به هاضمي جي ڪئنسر سان ڳنڍيو ويو آهي.
تحقيق لاءِ اٽڪل پنج هزار وچولي عمر وارن اطالوي ماڻهن جي ڊيٽا جو جائزو ورتو ويو، جن کان ڳاڙهي ۽ اڇي گوشت (ڪڪڙ) جي استعمال بابت تفصيل ورتا ويا.
ماهرن موجب، هي نتيجا دنگ ڪندڙ آهن ۽ ان بابت وڌيڪ سائنسي تحقيق جي ضرورت آهي.
هنن چيو ته ڪڪڙ کي عام طور تي ڳاڙهي گوشت کان وڌيڪ صحت مند سمجهيو ويندو آهي، ڇاڪاڻ ته ان ۾ چرٻي گهٽ هوندي آهي، پر هاڻ ڏسڻو پوندو ته ڪهڙن سببن جي ڪري ڪڪڙ ڪئنسر جو خطرو وڌائي ٿو.
محققن جو خيال آهي ته گوشت پچائڻ جو طريقيڪار، وقت ۽ گرمي پد به صحت تي اثرانداز ٿي سگهن ٿا، پر في الحال يقيني طور تي ڪجهه به چوڻ ممڪن ناهي.
تحقيق ڪندڙن چيو ته اسان اها صلاح نٿا ڏيون ته ڪڪڙ کي مڪمل طور ڇڏي ڏيو، پر ان جو استعمال محدود رکڻ جي ضرورت آهي.
ماهرن موجب، هفتي ۾ لڳ ڀڳ 200 گرام ڪڪڙ جو استعمال صحت لاءِ فائديمند ثابت ٿي سگهي ٿو.
Prev Post
You might also like