امروهه (ويب ڊيسڪ) ڀارتي ڪرڪيٽ ٽيم جي فاسٽ بالر محمد شامي کي هڪ ڪروڙ ڀارتي رُپيا ڀُنگ نه ڏيڻ جي صورت ۾ قتل ڪرڻ جي ڌمڪي ڏني وئي آهي.
ڀارتي ميڊيا جي رپورٽن موجب، اتر پرديش جي ضلعي امروهه ۾ محمد شامي جي ڀاءُ حسيب پاران پوليس اسٽيشن ۾ ايف آءِ آر داخل ڪرائي وئي آهي.
ايف آءِ آر جي متن موجب، راجپوت سندر نالي همراهه اي ميل ذريعي محمد شامي کان هڪ ڪروڙ رُپين جو ڀنگ طلب ڪيو ۽ ڌمڪي ڏني ته جيڪڏهن اها رقم ادا نه ڪئي وئي ته کيس قتل ڪيو ويندو.
ڀارتي پوليس موجب، معاملي جي جاچ شروع ڪئي وئي آهي.
واضح رهي ته محمد شامي هن وقت آءِ پي ايل جي فرنچائز ”سن رائزرز حيدرآباد“ جي نمائندگي ڪندڙ ٽورنامينٽ کيڏڻ ۾ رڌل آهي.
You might also like