اسلام آباد(بيورو/م ڊ) چناب ۾ پاڻي جي آمد ۾ 29 هزار ڪيوسڪ گهٽجي صرف 5300 ڪيوسڪ رهجي وئي آهي، جڏهن ته انڊس رِوَر سسٽم اٿارٽي (ارسا) پاران درياءِ چناب ۾ پاڻي جي فراهميءَ ۾ ڀارت طرفان اوچتي گهٽتائي تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو آهي. ارسا جي چيئرمين صاحبزاده محمد شبير جي صدارت هيٺ ارسا ايڊوائزري ڪاميٽي جو اجلاس ٿيو، جنهن جي پڌرائي ۾ چيو ويو ته اجلاس خريف جي موسم دوران موجود پاڻي جي اندازن جي منظوري لاءِ سڏايو ويو هو، خريف موسم پهرين اپريل کان 30 سيپٽمبر تائين جاري رهي ٿو. اجلاس دوران مراله وٽ چناب ندي جي وهڪرن ۾ اوچتي گهٽتائي تي ڀارت جي رويي بابت غور ڪيو ويو۔ شروعاتي خريف سيزن لاءِ مجموعي طور 21 سيڪڙو پاڻي جي کوٽ جو اندازو لڳايو ويو آهي. ارسا جي اعلاميي ۾ چيو ويو ته جيڪڏهن چناب ندي ۾ پاڻي جي کوٽ جاري رهي ته ان جو نئون اندازو ٻيهر لڳايو ويندو۔ پاڇاٽي خريف سيزن ۾ 7 سيڪڙو پاڻي جي کوٽ جو تخمينو لڳايو ويو آهي.وڌيڪ چيو ويو ته، "ڀارت طرفان پاڻيءَ جي گهٽتائي بعد بحران کي منهن ڏيڻ لاءِ گڏيل ذخيرن جو استعمال ڪيو ويندو، جڏهن ته پاڻي جي منصفاڻي ورهاست لاءِ صوبن وچ ۾ هم آهنگي سان فيصلا ڪيا ويا آهن۔”اعلاميي ۾ ڄاڻايو ويو ته پاڻي جي صورتحال جو روزاني بنياد تي جائزو ورتو ويندو .ارسا ذريعن مطابق، خريف سيزن ۾ پنجاب لاءِ 3 ڪروڙ 13 لک ايڪڙ فُٽ پاڻي جي فراهمي جو اندازو آهي.ذريعن ٻڌايو ته سنڌ لاءِ 2 ڪروڙ 89 لک ايڪڙ فُٽ پاڻي جو ڪاٿو لڳايو ويو آهي، جڏهن ته بلوچستان کي 29 لک ايڪڙ فُٽ ۽ خيبرپختونخواهه لاءِ 8 لک ايڪڙ فُٽ پاڻي فراهمي جو اندازو آهي۔ذريعن جو چوڻ آهي ته پاڻي جي کوٽ پنجاب ۽ سنڌ جي وچ ۾ برابر ورهائي ويندي، ۽ ارسا ايڊوائزري ڪاميٽي پاڻي جي دستيابي ۽ فراهمي جي انهن ڪاٿي جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي،. واپڊا جي انگن اکرن موجب درياءِ چناب ۾ پاڻي جي آمد 29 هزار 300 ڪيوسڪ گهٽجي صرف 5300 ڪيوسڪ رهجي وئي آهي۔انگن اکرن مطابق، گذريل ڏينهنِ چناب ۾ هيڊ مراله وٽ پاڻي جي آمد 34 هزار 600 ڪيوسڪ هئي، جڏهن ته صرف ٻن ڏينهن ۾ ڀارت طرفان درياءِ چناب ۾ 35 هزار 600 ڪيوسڪ پاڻي جي آمد گهٽائي وئي آهي. انڊس رِور سسٽم اٿارٽي (ارسا) جي ايڊوائزري ڪميٽي جو اجلاس اسلام آباد ۾ ٿيو، جنهن ۾ پاڻي جي دستيابي ۽ فراهمي بابت تخمينن جي منظوري ڏني وئي. خريف جي مند ۾ پنجاب کي 3 ڪروڙ 13 لک ايڪڙ فٽ پاڻي، سنڌ کي 2 ڪروڙ 89 لک ايڪڙ فٽ، بلوچستان کي 29 لک ايڪڙ فٽ، ۽ خيبرپختونخواهه کي 8 لک ايڪڙ فٽ پاڻي ڏيڻ جو تخمينو لڳايو ويو آهي. ايڊوائزري ڪميٽي جي اجلاس ۾ ملڪ ۾ پاڻي جي دستيابي جو تفصيلي جائزو ورتو ويو ۽ فيصلو ڪيو ويو ته پاڻي جي دستيابي جو روزاني بنياد تي جائزو ورتو ويندو. ارسا جو چوڻ آهي ته ملڪ ۾ خريف جي مند لاءِ مجموعي طور تي 21 سيڪڙو پاڻي جي کوٽ جو خدشو آهي.