لاهور (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ ( پي سي بي ) لاهور، ڪراچي ۽ ملتان ۾ اڪيڊميز مڪمل فعال ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي.
ذريعن موجب، ٽنهي شهرن جي اڪيڊميز ۾ سڄو سال مختلف پروگرامز جاري رهندا، ايج گروپ پاٿ ويز پروگرام کي خاص طور تي ڌيان ڏنو ويندو، نيشنل ڪرڪيٽ اڪيڊمي لاهور ۾ بئنچ اسٽرينٿ تي ڪم ڪيو ويندو.
ذريعن جو چوڻ آهي ته ڪارڪردگي ڏيکاريندڙن کي نيشنل ڪرڪيٽ اڪيڊمي ۾ رکيو ويندو، ڪوچ مٿن ڪم ڪندا، ملتان ۾ انڊر 19 ڪرڪيٽرن کي سکيا ڏئي ايندڙ عالمي ڪپ لاءِ تيار ڪيو ويندو، ڪراچي ۾ پاڪستان وومين ڪرڪيٽ ٽيم ۽ بين امڪاني پليئرز کي تربيت ڏني ويندي.
ذريعن موجب، وومين ڪرڪيٽرز کي هلندڙ سال ورلڊ ڪپ ۽ ايندڙ سال ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ لاءِ تيار ڪيو ويندو.
ذريعن جو چوڻ آهي ته عاقب جاويد ڊائريڪٽر هاءِ پرفارمنس جو عهدو سنڀالڻ لاءِ مضبوط اميدوار آهي.