اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) صدر آصف علي زرداري چيو آهي ته ڀارت جي غير ذميواراڻن قدمن سبب علائقائي امن ۽ استحڪام خطري ۾ پئجي ويو آهي.
صدر آصف زرداري سان چيني سفير ملاقات ڪئي، جنهن دوران چيني سفير ڏکڻ ايشيا ۾ امن ۽ استحڪام لاءِ هميشه پاڪستان جي حمايت جاري رکڻ جو عزم ورجايو.
ان موقعي تي چيني سفير چيو ته چين ۽ پاڪستان ”فولادي ڀائر“ ۽ هر ڏکئي وقت ۾ هڪ ٻئي سان گڏ بيٺا رهيا آهن.
ملاقات دوران صدر آصف زرداري ڀارتي حڪومت جي تازن جارحاڻن ۽ غير ذميواراڻن بيانن تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي چيو ته ڀارت جا قدم خطي جي امن ۽ استحڪام لاءِ سنجيده خطرو آهن.
صدر پاڪستان مشڪل وقتن ۾ چين جي ڀرپور حمايت ۽ سهڪار تي چيني حڪومت جا ٿورا مڃيا.
پاڪ- چين ” فولادي ڀائر“ آهن، ڀارتي قدمن سبب علائقائي امن کي خطرو آهي: صدر
You might also like