عوامي تحريڪ پاران ڪارپوريٽ فارمنگ خلاف دريا خان مري ۾ احتجاجي مارچ

دريا خان مري (پ ر)عوامي تحريڪ طرفان ڪارپوريٽ زرعي فارمنگ منصوبن خلاف دريا خان موري ۾ زبردست احتجاجي مارچ ڪيو ويو. احتجاجي مارچ ۾ وڏي انگ ۾ سنڌياڻين جي شرڪت، ڪارپوريٽفارمنگ منصوبن خلاف جدوجهد جاري رکڻ جو وچن. ان موقعي تي عوامي تحريڪ ضلعي صدر لطيف ڀٽي، علي نواز ڏاھري، ڊاڪٽر فدا ڀريجو، سرور سنڌي، علي نواز عالماڻي، امتياز ڏاهري، ڪامريڊ فريد ڪلھوڙو، سنڌيا راڄپر پرھ راڄپر، مومل ڏاھري، باک حسين سومرو ڳالهائيندي عوامي تحريڪ ۽ سنڌياڻي تحريڪ جي اڳواڻن چيو ته سنڌ حڪومت ڪارپوريٽ فارمنگ منصوبن لاءِ سنڌ جي لکين ايڪڙ زمين وڪرو ڪري رهي آهي سنڌ جي ٽن ضلعن ڪشمور ڪنڌڪوٽ، گهوٽڪي ۽ شڪارپور جي ڪچي واري علائقي جي 5 لک ايڪڙ زمين ڪمپني حوالي ڪري ڇڏي آهي. جڏهن ته مٽياري ۽ ڄامشورو ضلعي جي ڏيڍ لک ايڪڙ زمين ڪمپني کي وڪرو ڪئي وئي آهي. سموري سنڌ کي ڪمپني سرڪار جي رحم ڪرم تي ڇڏيو ويو آهي. اسپيشل انويسٽمينٽ فيسليٽيشن ڪائونسل جي نالي ۾ سنڌ مٿان ون يونٽ کان بدترين آمريتي راڄ قائم آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.