پاڻي ورڇ صحيح نه پئي ٿئي،آبادگارن کي پنجاب طرز تي پئڪيج ڏنو وڃي:ايوان زراعت سنڌ

حيدرآباد(رپورٽر) ايوان زراعت سنڌ ۾ پاڻي جي کوٽ، آبپاشي کاتي جي بدانتظامي ۽ ناقص ڪارڪردگي تي سخت ڳڻتيءَ جو اظھار ڪندي ھلندڙ سال حڪومت کان ڪپھ جو گھٽ ۾ گھٽ اگھھ 12 ھزار رپيا في مڻ مقرر ڪرڻ، پنجاب حڪومت جي طرز تي ڪڻڪ جي آبادگارن سميت ٽريڪٽرن ۽ ٻين شين تي سبسڊي ڏيڻ جو مطالبو ڪيو آهي، ڪڻڪ جي اگھ جو مسئلو حل نه ٿيڻ جي صورت ۾ ڪڻڪ جي فصل جي پوک ختم ٿيڻ ۽ ملڪ ۾ فوڊ سيڪيورٽي جو بحران جنم وٺڻ جو خدشو ظاھر ڪيو ويو، ايل بي او ڊي سميت سمورين ڊرينز تي ڪم نه ٿيڻ تي فنڊن جي تحقيقات ڪرائڻ ۽ چوماسي جي برساتن کان اڳ فوري سمورين ڊرينز تي کاٽي جو ڪم ڪرائڻ جي به گھر ڪري ڇڏي. ان سلسلي ۾ ايوان زراعت سنڌ جو اجلاس تنظيم جي ھيڊڪوارٽر حيدرآباد ۾ ٿيو. اجلاس جي صدارتايوان زراعت سنڌ جي چيف پيٽرن ڊاڪٽر سيد نديم قمر ڪئي. ان موقعي تي اجلاس ۾ آبادگارن سنڌ ۾ پاڻي جي کوٽ تي سخت احتجاج ۽ دانھون ڪندي ٻڌايو ته ھن وقت سسٽم ۾ پاڻي موجود آھي پر ان جي باوجود پاڻيء جي ھٿرادو کوٽ پيدا ڪري آبادگارن کي سخت پريشان ۽ بدحال ڪيو پيو وڃي. ھنن چيو ته  ڳرين رشوتن عيوض آبپاشي کاتي جو ھيٺيون عملو ڪلاڪن جي حساب سان پاڻي وڪرو ڪري رھيو آھي. آبادگارن سنڌ جي آبپاشي کاتي جي وزير کان مطالبو ڪيو آھي ته فوري طور تي ھيٺئين عملي جي ڪرپشن کي روڪي، شاخن ۾ ھفتيوار وارا بندي بحال ڪرڻ وارو نظام رائج ڪيو وڃي. ھنن چيو ته ھن وقت نارا ڪئنال ۾ 10 ھزار 8 سئو ڪيوسڪ ۽ روھڙي ڪئنال ۾ بھ 10 ھزار 8 سئو يعني 85 سيڪڙو پاڻي موجود آھي. ان ڪري ھڪ ھفتو شاخون کولڻ ۽ ھڪ ھفتو ڪرڻ ڪرڻ جو نظام رائج نه ڪيو ويو ته اھا آبادگارن سان سراسر ناانصافي ھوندي. اجلاس ۾ آبادگارن ڪڻڪ جي فصل جي مجموعي صورتحال جائزو وٺندي چيو ته گذريل سال ڪڻڪ جو امدادي اگھھ 4 ھزار روپيا في مڻ ھو ،ھن سال ڪڻڪ جو اگھ 22 سئو رپيا في مڻ تمام گھٽ ملي رھيو آھي. اھڙي اگھ سان آبادگارن کي سخت  مايوس ڪري ڪڻڪ جي فصل پوکڻ تان ھٿ کڻائڻ برابر آھي. ھنن سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاھ کي اپيل ڪئي آھي ته ڪڻڪ جي مسئلي تي فوري طور تي سمورن اسٽيڪ ھولڊرن کي گھرائي مسئلا ٻڌي ترت تدارڪ ڪري.  جيڪڏھن ايئن نه ڪيو ويو ته پوءِ سنڌ سميت ملڪ مان ڪڻڪ ختم ٿي ويندي ۽ ان سان ملڪ ۾ فوڊ سيڪيورٽي جو بحران پيدا ٿيڻ جو خدشو آھي. ھنن چيو تھ  وفاقي حڪومت بنا دير ٻاھران ڪپھھ خريد ڪرڻ تي پابندي لڳائي ۽ ملڪ ۾ پنھنجن آبادگارن کي 12 ھزار رپيا في مڻ ڪپھھ ڏيڻ جو اعلان ڪري ته اسان وري 15 ملين ڪپھھ جون ڳٺڙيون پيدا ڪرڻ تائين پھچي وينداسين. اجلاس ۾ آبادگارن گرمي پد برداشت ڪندڙ ڪپھھ جي ٻج تي تحقيق نه ٿيڻ تي سخت ڳڻتيءَ جو اظھار ڪندي حڪومت کان اھو به مطالبو ڪيو آھي ته فوري طور تي گرمي پد برداشت ڪندڙ ٻج چائنا مان پاڪستان گھرائي سنڌ ۾ آبادگارن کي ڏنا وڃن، ايوان زراعت سنڌ پنجاب حڪومت طرفان آبادگارن کي 111 ارب رپين جي سبسڊي ڏيڻ جي آجيان ڪندي چيو آھي ته پنجاب حڪومت اھڙي سبسڊي مان  15 ارب رپيا سبسڊي ڪڻڪ جي آبادگارن کي بھ ڏني آھي. اسان پنجاب حڪومت جي اھڙي عمل کي قدر جي نگاھ سان ڏسون ٿا. ايوان زراعت سنڌ حڪومت کان مطالبو ڪيو آھي ته پنجاب سرڪار جي طرز تي سنڌ ۾ به ٽريڪٽرن سميت ٻين شين جي خريداري تي آبادگارن کي سبسڊي ڏني وڃي.  اجلاس ۾ چيو ويو تھ ايل بي او ڊي جي بندن کي مٿي ڪري ان تي سانوڻي جي برساتن کان اڳ ۾ ڪم ڪرايو وڃي. ان کان علاوه پراڻ، ڍورو پراڻ، ٽنڊو محمد خان ڊرين، ايم ايم ڊرين، اي پي ڊرين ۽ ميرپورخاص ڊرين تي پڻ ڪم ڪرايو وڃي. اجلاس ۾ سيڊا چيئرمين رئيس قبول محمد کٽياڻ، ايوان زراعت سنڌ جي جنرل سيڪريٽري زاھد حسين ڀرڳڙي، مراد علي خان نظاماڻي، ڪمال خان نوناري، اصغر خان نوناري، نبي بخش سٺيو، مير عبدالڪريم ٽالپر، خادم حسين بھراڻي ۽ ٻين آبادگارن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.