پي ٽي آءِ جو سلام سنڌ ٽرين مارچ،مختلف اسٽيشنن تي آجيان

ڪراچي/حيدرآباد/سکر (نمائندا)  پاڪستان تحريڪ انصاف (پي ٽي آءِ) سنڌ جي صدر حليم عادل شيخ جي اڳواڻيءَ ۾ ڪئنالن جي منصوبي خلاف ۽ سنڌ جي باشعور عوام ۽ وڪيل برادري جي جدوجهد کي خراج تحسين پيش ڪرڻ لاءِ "سلام سنڌ ٽرين مارچ” جو اهتمام ڪيو ويو. ٽرين مارچ ڪراچيءَ ڪينٽ اسٽيشن کان کان روانو ٿي مختلف شهرن مان ٿيندو گھوٽڪيءَ پهتو، جتي هڪ جلسي عام جو اهتمام پڻ ڪيو ويو.ٽرين مارچ ڪراچيءَ کان شروع ٿي ڊرگ روڊ، لانڍي، بن قاسم، جنگشاهي، جهُمپير، ڪوٽڙي،  حيدرآباد، ٽنڊو آدم، شهدادپور، سَرهاڙي، نوابشاهه، دوڙ، ٻانڌي،ڪوٽ لالو، پڊعيدن، ڀريا روڊ،محرابپور، سيٺارجا، راڻيپور، گمبٽ،  خيرپور، روهڙي، پنو عاقل، گھوٽڪي، ميرپورماٿيلو ۽ آخر ۾ ڏهرڪي تائين پهتو.مارچ ۾ پي ٽي آءِ سنڌ جي صدر حليم عادل شيخ ، جنرل سيڪريٽري ڊاڪٽر مسرور سيال، ڪراچيءَ جي صدر راجه اظهر، جنرل سيڪريٽري ارسلان خالد، اڳوڻو قومي اسيمبلي ميمبر فهيم خان، سنڌ اسيمبليءَ جا ميمبر ريحان بندوڪدا ۽ واجد حسين، انصاف لائرز فورم جو صدر ايڊووڪيٽ ظهُور محسود، ليبر ونگ جو صدر رانا اعظم، وومين ونگ سنڌ جي صدر سرينا خان، ڪراچي ڊويزن جي صدر فضه ذيشان، ايڊووڪيٽ فيصلا مغل، ايڊووڪيٽ اسلم لغاري سميت ڪيترائي وڪيل، سينيئر اڳواڻ ۽ ڪارڪن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. مختلف هنڌن تي خطاب ڪندي حليم عادل شيخ چيو ته اڄ اسان ڪراچيءَ کان ڏهرڪي تائين وڪيلن، نوجوانن، مزدورن، عورتن، شاگردن، واپاري برادري، صحافين ۽ سول سوسائٽيءَ کي سلام پيش ڪرڻ لاءِ سلام سنڌ ٽرين مارچ ڪيو آهي. هن چيو ته مافيا سنڌو درياھھ تي ڇھ ڪئنال ٺاهڻ جي سازش ڪئي، پر سنڌ جي باشعور عوام ان جي ڀرپور مخالفت ڪندي ان سازش کي ناڪام بڻايو،مودي کي منھن ڏيڻ لاءِ عمران خان کي ٻيھر اقتدار ۾ آڻڻو آھي، جڏھن تھ جنگشاھي ريلوي اسٽيشن امجد شاه،هوش محمد عباسي مراد ساٽي ميرساجد جوکيو حاجي اطلاعات سيڪريٽري  رفيق جوکيو وسيم بروهي بشيرالله سمون اظهر جوکيو گل نظر جوکيو شاهد بروهي ملڪ نواز جوکيو ۽ ٻين آجيان ڪئي،پڊعيدن ۾ غلام مرتضي ڏيپر،امتياز راڄپر، نجيب شر،راشد سولنگي، ڪاشف کوکر دوڙ ۾ ضلعي صدر امام الدين ڪيريو دوڙ سٽي جو صدر عبدالمجيد پٺاڻ، صدورو خان واسواڻو، اصغر علي جتڪ محمد ولي راجپوت ڪاشف علي مغل اشرف بلوچ مارچ جي آجيان ڪئي

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.