”ڀارتي حملي جو خطرو اڃا به موجود آهي“

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سڌ سماءُ واري وفاقي وزير عطا تارڙ چيو آهي ته پاڪستان وٽ ڀارت طرفان حملي بابت تصديقي ۽ اعتماد جوڳيون انٽيليجنس رپورٽون موجود هيون، جيڪي وقت سر عالمي برادري سان شيئر ڪيون ويون ۽ اهڙن قدمن سان خطي ۾ امن قائم رکڻ ۾ مدد ملي.
آمريڪي ميڊيا کي ڏنل هڪ انٽرويو دوران عطا تارڙ ٻڌايو ته ڀارت طرفان پاڪستان تي حملي جي امڪان بابت ڄاڻ ملڻ بعد عالمي سطح تي ترت آگاهي ڏني وئي، ڇاڪاڻ ته وقت سر دنيا کي ڄاڻ ڏيڻ سان اهڙن خطرن کي روڪي سگهجي ٿو.
ميزبان پاران پڇيل سوال تي ته ڇا ان اطلاع ڏيڻ سان حملو روڪڻ ۾ مدد ملي؟ وفاقي وزير چيو ته ڪنهن به خطري کي روڪڻ لاءِ ٽن اهم شين جي ضرورت هوندي آهي پهرين دفاعي صلاحيت، ٻي قومي عزم ۽ ٽِين معلومات جي وقت سر پهچ.
هن واضح ڪيو ته پاڪستان جي فوج مضبوط آهي، قوم متحد آهي ۽ حڪومت هر وقت باخبر رهي ٿي.
عطا تارڙ وڌيڪ چيو ته پاڪستان هميشه امن جو خواهشمند رهيو آهي، پر پنهنجي دفاع جو به مڪمل حق رکي ٿو، ڀارت پهلگام واقعي کان پوءِ بنا ڪنهن ثبوت جي پاڪستان تي الزام لڳايو، جڏهن⁠ ته پاڪستان گڏيل قومن جي نگراني ۾ شفاف جاچ جي آڇ ڪري چڪو آهي.
هن چيو ته ڀارت ماضيءَ ۾ به اهڙن واقعن جو الزام پاڪستان تي لڳائيندو رهيو آهي، پر اڄ ڏينهن تائين ڀارت ان گروهه بابت ڪا به واضح ڄاڻ نه ڏئي سگهيو آهي جيڪو پهلگام حملي ۾ ملوث هو.
انٽرويو دوران ميزبان جي سوال تي ته ڇا حملي جو امڪان اڃا موجود آهي؟ عطا تارڙ واضحت سان چيو ته ”ها، اهو امڪان اڃا به موجود آهي.“
هن چيو ته ڪڏهن ڇڪتاڻ وڌي ٿي ته ڪڏهن گهٽجي وڃي ٿي، ڪڏهن سفارتي رابطا ٿين ٿا ۽ صورتحال مسلسل تبديل ٿيندي رهي ٿي.
هن وڌيڪ چيو ته ” اسان کي انٽيليجنس رپورٽون ملي رهيون آهن، اسان جون فوجون الرٽ آهن، اسان مشقون ڪري رهيا آهيون ۽ ملڪ جي دفاع لاءِ مڪمل تياري ۾ آهيون.“

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.