سي سي آءِ جا فيصلا ان جا سنڌ تي پوندڙ اثر

تحرير: محمد احسان لغاري

گڏيل مفادن واري ڪائونسل جي ڪيل فيصلن جا اثر ڇا ٿيندا، ڪهڙا فائدا، ڪهڙا نقصان، ابهام، ڪاميابيون، ڪميون يا معنائون آهن، ان تي سڄاڻ قوم جيان سنڌ ۾ بحث ۽ تجزيا ڪيا پيا وڃن. وقت سان گڏ ان ۾ ڪيئي چِٽيون شيون سامهون اينديون. ڪجهه اهم نتيجا ان پوري بحث ۾ وڃڻ کانسواءِ ئي، ان تاريخي سماجي تحريڪ کي پنهنجي سامهون ٿيندي ۽ ڏسندي چئي سگهجي ٿو ته ”فتح سنڌ جي عوام جي ٿي آهي. سنڌ پنهنجو پاڻ کي ڳولي لڌو آهي. سنڌ، هاڻ خوش فهمين، آسرن ۽ دلابن کان ٻاهر نڪري شيون ڏسي ٿي. ڪئنالن خلاف ۽ پنهنجي پاڻيءَ جي حقن لاءِ هلايل هي تحريڪ ثابت ڪري ٿي ته ٻڌي، يڪ سوئي، سمجهه، صبر، بي ڊپائپ جهڙن گڻن سان پُرامن رهي وڏي طاقتن کان پنهنجا حق وٺي سگهجن ٿا ۽ کين پوئتي ورڻ تي مجبور ڪري سگهجي ٿو. سنڌ جي پاڻي لاءِ ويڙهه ڏيڍ صديءَ جي آهي. ان ڪري پاڻيءَ جي مسئلي تي سنڌ ڪڏهن به بي اوني نه رهي آهي. پر هِن دفعي پوري سنڌ جنهن عزم ۽ حوصلي سان پنهنجي جدوجهد کي جاري رکيو آئي، تنهن جو مثال ويجهڙ واري تاريخ ۾ ڪٿي نٿو ملي.

سي سي آءِ ۾ ڪيل فيصلن جا محرڪ آئيني/قانوني، سياسي، ادارتي، ماحولياتي ۽ سماجي آهن. ان ڪري صرف انهن کي جيڪڏهن هڪ رُخ ۾ ڏسڻ جي ڪوشش ڪبي ته ان مان اخذ ڪيل نتيجا صرف ڪجهه حصي کي ڏسي رهيا هوندا. سي سي آءِ پاڪستان جي آرٽيڪل 153 تحت جُڙيل آئيني گهاڙيٽو آهي. سي سي آءِ جو اجلاس اُهي سڀ آئيني ۽ قانوني تقاضا پورا ڪري ٿو، جيڪي ان بابت آئين ۾ ڏنل آهن يا وري قاعدن ۾ واضح ٿيل آهن. جيڪي اِهو دليل ڏين ٿا ته ادا ”سي سي آءِ“ جي فيصلي کي ڪهڙي اهميت“، تن لاءِ عرض آهي ته آئيني طور تي اِهو تي پليٽ فارم آهي، جيڪو صوبن جي وچ ۾ اُڀريل (پاڻيءَ جي يا ٻين) تڪرارن کي حل ڪري سگهي ٿو. جيڪڏهن آرٽيڪل 155 کي ڏسنداسين ته ان تحت سي سي آءِ جو ڪم پاڻي بابت شڪايتون ٻڌڻ آهي. ان شڪايت تي فيصلو سي سي آءِ پاڻ ڪري يا صدر پاڪستان کي درخواست موڪلي ته ”ڪميشن“ جوڙي وڃي. اِهو به چِٽو آهي ته سي سي آءِ جو فيصلو مرڪز يا صوبن تي حتمي آهي. ڪا به ڪورٽ سي سي آءِ جي ڏنل فيصلي تي ڪيس نٿي هلائي سگهي. جيڪڏهن صوبو يا مرڪز سي سي آءِ تي اعتراض اُٿاري ٿو ته پوءِ اُهو ”پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس (قومي اسيمبلي ۽ سينيٽ) ۾ ايندو، جنهن جو فيصلو آخري هوندو. ڪجهه قانوني پروفيشنل ۽ ٻيا چئي رهيا آهن ته ”سي سي آءِ“ جو ڏنل فيصلو هڪ عارضي ”وقت ٽپائڻ“ لاءِ ڏنو ويو آهي ۽ پوءِ ساڳيا ٽڪر ساڳ سان ٿيندا. چئن وزيراعليٰ ۽ وزيراعظم جي سربراهي ۾ ڪيل فيصلو، هڪ آئيني ڍانچي هوندي ڪمزور ڪيئن ٿو ٿي سگهي؟ کڻي دليل خاطر اِهو به مڃجي ته اهڙيون حالتون ٿي ٿيون وڃن جو سڀئي وزيراعليٰ ۽ وزيراعظم ڦري وڃن  (۽ ٻيا ٿي وڃن) تڏهن به فيصلي کي ڪنهن به زور بار تحت ٿڏي نٿا سگهن. جيڪڏهن اهڙي ڪا به حالت ٿي، ڇا سنڌ جو عوام پنهنجي حق لاءِ اُٿي نه سگهندو؟ حق وٺي نه سگهندو؟ بلڪل اُٿندو  ۽ اوس حق وٺندو! ان لاءِ سنڌ جي عوام جي ڪيل هن شاندار ۽ بي لوث تحريڪ کي نه عارضي سمجهو وڃي نه ئي ايترو ڪمزور!

سي سي آءِ جو فيصلو، 1991ع واري ٺاهه ۾ ورهايل صوبائي پاڻي بابت ئي آهي. فيصلي ۾ سڌي ۽ اڻ سڌي طرح سنڌ جي (۽ ٻن صوبن جي پڻ) حصن جو تحفظ 1991ع کي عمل ۾ آڻڻ جي صورت ڪري ٿو. ارسا کي سندس پاڻيءَ جو ڏنل چولستان وارو سرٽيفڪيٽ نه قبول ڪندي موٽائي موڪليو آهي. ڪن کي شايد لڳي ٿو ته ڪو سرٽيفڪيٽ موٽائي موڪلڻ فيصلو ناهي. اِهو فيصلوئي آهي ته هن تي وري ڌرين (صوبن) سان گڏيل صلاح مشورو ڪيو وڃي ۽ يڪراءِ صوبن جي وچ ۾ پيدا ڪئي وڃي. يعني سنڌ وٽ هڪ قسم جو ويٽو پاور آهي ته جيڪڏهن ڪو سنڌ جي مفادن جي خلاف فيصلو ڪري ته سنڌ ان تي اعتراض ڪري فيصلي کي معطل ڪرائي سگهي ٿي.

سي سي آءِ جي فيصلي ۾ هڪ نئين ڪاميٽي جي ٺاهڻ جو به ذڪر آهي، جيڪا پاڻيءَ جي وسيع رٿابندي صوبن جي شرڪت سان اڳتي وڌائيندي. ان جا ڪم ڪهڙا، ڪيئن ۽ ڪيترا هوندا، ان ۾ ڪير ڪير هوندو، اِها ڇو ۽ ڇا ڪندي ۽ ان کي صوبن سان گڏ هلڻ، ان ۾ صوبن جي نمائندگي اهي سڀ اهم سوال آهن، جيڪي پڻ جڏهن ان ڪاميٽي بابت  ابتدائي دستاويز سامهون اچي ته انهن سڀن سوالن کي ضرور ذهن ۾ رکڻو آهي.

سنڌ جي هي اهنسا جي بنيادن تي هلايل پوريءَ سنڌ ۾ هماگير تحريڪ ڌرڻا، احتجاج ۽ ٻيا سارا لاڳاپيل قانوني طور تي جائز هئا. اهي آئين جي آرٽيڪل 16 ۽ 19 مطابق ئي هئا، (گڏ ٿيڻ جي آزادي ۽ اظهار جي آزادي) ان ڪري مرڪزي يا صوبائي حڪومت لاءِ ڪوئي مضبوط قانوني جواز نه هو ته هُو اهڙو ڪو قدم کڻي سگهين. ٻيو ته سنڌ حڪومت پاڻ انهن نون ڪئنالن جي خلاف جلوس ۽ جلسا ڪري رهي هئي، ان ڪري اخلاقي طور ۽ سنڌ جي مجموعي شديد مخالفت جي سامهون اچڻ سياسي خودڪشيءَ جي برابر هو.

سي سي آءِ جي اجلاس ۾ هڪ آواز ٿي سڀني صوبن ۽ مرڪز شديد لفظن ۾ هندستان جي مذمت ڪئي. هن هوڏ ۽ سفارتي جارحيت ڪندي 23 اپريل تي سنڌ طاس معاهدي (1960ع) کي معطل ڪيو، پاڪستان هڪ خودمختيار رياست طور هندستان کي چِٽو پيغام ڏنو ته پاڻي (۽ ٻين وسيلن) جي حقن کي ڪو ڦٻائي نٿو سگهي ۽ نه ئي اهڙي ڌمڪي ڏئي سگهي ٿو. سي سي آءِ جي اجلاس هندستان جي آبي جارحيت جي ڏينهن ۾ ٿيو ۽ پاڪستان مڪمل حڪومتي ۽ رياستي ٻڌي سان جواب ڏنو. ان ڪري قومي هم آهنگي وري عنصر کي جيڪو ان سي سي آءِ جي ٻاونجاهين اجلاس جو اساس آهي، ان کي وسارڻ نه گهرجي. ان سان گڏ ”سياسي هم آهنگي“ جو واضح پيغام ڏئي، سي سي آءِ جي فيصلي ڪنهن عدالتي رستي جو جيڪو آرٽيڪل (3) 184 (مفادِ عامه وارون حدون) تحت وٺي سگهجي ٿو، ان ۾ پڻ رنڊڪون وڌيون آهن.

ايڪنيڪ جي فيصلي تحت ”اسٽريٽجڪ ڪئنالز“ جنهن کي هن 7 فيبروري 2024ع (اليڪشن کان صرف هڪ ڏينهن اڳ ۾) مشروط منظوري ڏيندي چيو هو ته انهن جي لازمي سي سي آءِ کان منظوري وٺڻي آهي. ان کي سي سي آءِ فيصلو ڪندي واپس پلاننگ ڪميشن ڏانهن اماڻي ڇڏيو آهي. صوبن سان مشهورا ۽ گڏيل رضامندي جي ڳالهه ڪئي وئي آهي. سنڌ کي ان ڏس ۾ ادارتي ۽ سياسي طور چڱي ريت اکيون کولي ڏسڻ جي ضرورت آهي. مرڪزي پلاننگ ڪميشن خاص ڪري موجوده مرڪزي رٿابنديءَ واري وزير جي هوندي، سنڌ کي ڪائي ٿڌي هوا نه ايندي.

جيڪڏهن ڪجهه مونجهارن کي ڏسبو انهن ۾ ”گڏيل سمجهه/ميوچل انڊرسٽينڊنگ“ ان ڳالهه جي وصفي وضاحت نٿي ڪري، ان ڪري سنڌ (۽ بلوچستان) جو دليل جيڪو تحَيقي ۽ ارسا جي انگن اکرن جي بنياد تي آهي ته واڌو پاڻي آهي ئي ڪونه، ان ڪري پاڻي جي کڻت کانسواءِ ڪئي ٻيا محرڪ نڪري ٿا سگهن. سنڌ لاءِ هن کانپوءِ هڪ فعال ارسا جيڪا ٽي سطحي فارمولا کان نڪري اچي ۽ پاڻي جي کاتي (اڪائونٽ) ۽ آڊٽ (جانچ واري مقداري پرک) وارو مامرو پڻ انتهائي اهم آهي، جنهن کي چڱي ريت ڏسڻ جي ضرورت آهي.

اسان جي صوبي جي اندر پاڻي جي طرز حڪمراني پڻ هڪ اهم عنصر آهي، جنهن کي ”جيئن جو تيئن، اهڙي ئي حال ۾“ هلائي نٿو سگهجي. هڪ سوال جيڪو سنڌ سدائين انهن ڏينهن ۾ ڪندي آهي، جڏهن هر بئراج تي پاڻي ضرورت کان وڌيڪ موجود هوندو آهي ۽ پوءِ به ٽيلون کٽل هونديون آهن، ان جو سبب ڇا آهي؟ ان هڪ سوال جي جواب جي ڳولا ۾ اسان کي پورو هڪ طرز حڪمراني جو گهاڙيٽو سامهون ايندو. جنهن کي چڱي ريت ڏسڻ جي اشد ضرورت آهي. هي سنڌ جي عاليشان تحريڪ پنهنجي پاڻي ۽ سنڌوءَ کي وهندو ڏسڻ واري حق وٺڻ لاءِ هئي، ۽ اِها ان ڪري بلڪل نه هئي ته غريب  ۽ بي واهي ٽيل واري ايراضي وري به پاڻيءَ لاءِ اُڃايل رهي ۽ ڊي او ۽ ٻيا پاڻي وارا رستا، واٽر ۽ گُرَ جل ٿل هلندا رهن!

سنڌ جي هن عظيم تحرڪ جو ٻيو پڙاءُ ان توانائي کي قائم رکندي اکيون کولي رکڻ وارو آهي. سنڌ جي ڊيلٽا کي پاڻي نه ملڻ، پاڻيءَ سان لاڳاپيل مرڪزي منصوبا ڪنڊائتا نه ٺاهي ڏيڻ، مرڪز جي ترقي واري پروگرام کي چڱي ريت پنهنجو حصو وٺڻ، سنڌ جي اندر لاڳاپيل ادارن کي پڻ سنڌ جي مفادن سان متحرڪ رکڻ، پاڻيءَ تي هلندڙ بحث کي نوجوانن جي اڳرائي سان عالمي تحقيقن ۽ علم سان گڏائڻ، مرڪز  ۽ صوبي سطح تي ٺهندڙ ڪميشن ۾ سنڌ جي ’قابل ۽ پروفيشنل‘ شموليت، يونيورسٽين جي نوجوان استادن جيڪي قابلِ فخر يونيورسٽين مان پي ايڇ ڊي ۽ ٻيا علم حاصل ڪري آيا آهن ۽ انهن کي اڃان زنگ نه لڳو آهي، انهن سان مختلف پليٽ فارم ٺاهي سنڌ جي علمي شعور ۽ ’وسيلن جي رکوالي‘ تي هڪ اهم بحث شروع ڪرائي سگهجي. سنڌ جو جمهوري شعور، اهنسا ۽ ماحولياتي ڪردار نه صرف پاڪستان لاءِ بلڪه ترقي پذير ملڪن لاءِ اهم مثال ٿي سگهي ٿو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.