مُلڪ جي ريڊيو اسٽيشنن تي ڀارتي گيتن جي نشريات بند

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وفاقي سُڌ سماءُ واري وزارت، پاڪستان براڊڪاسٽرز ايسوسيئيشن (پي بي اي) پاران ملڪ جي ايف ايم ريڊيو اسٽيشنن تي ڀارتي گيتن جي نشريات بند ڪرڻ واري فيصلي کي ساراهيو آهي.
ان سلسلي ۾ سڌ سماءُ واري وفاقي وزير عطا تارڙ پي بي اي جي سيڪريٽري جنرل شڪيل مسعود کي خط لکيو آهي، جنهن ۾ هن تازين حالتن کي نظر ۾ رکندي پي بي اي جي حب الوطني تي ٻڌل فيصلي کي ساراهيندي لکيو ته هي قدم پوري قوم جي جذبن ترجماني ڪري ٿو.
خط ۾ چيو ويو آهي ته اهو فيصلو نه رڳو قومي يڪجهتي جي جذبي جي عڪاسي ڪري ٿو، پر ملڪ جي خودمختياري ۽ وقار کي به اجاگر ڪري ٿو.
خط جي متن موجب، هي فيصلو انهيءَ ڳالهه جو ثبوت آهي ته ڏکئي وقت ۾ اسين سڀ قومي اتحاد، يڪجهتي ۽ بنيادي قدرن جي واڌاري لاءِ گڏ آهيون.
وفاقي وزير خط ۾ ميڊيا سان لاڳاپيل سڀني اسٽيڪ هولڊرن جي ڪوششن کي به ساراهيو، جيڪي قومي مفادن ۾ حڪومتي قدمن سان گڏ بيٺل آهن ۽ اتحاد، امن ۽ حب الوطني جي واڌاري لاءِ سرگرم آهن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.