پاڪ – ڀارت ڇڪتاڻ: ڪراچي ۽ لاهور جون مخصوص فضائي حدون هڪ مهيني لاءِ بند

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ۽ ڀارت وچ ۾ ڇڪتاڻ کانپوءِ ڪراچي ۽ لاهور جون مخصوص فضائي حدون هڪ مهيني لاءِ بند ڪيون ويون آهن.
ڪراچي ۽ لاهور جون مخصوص فضائي حدون هڪ مهيني لاءِ جزوي طور بند ڪيون ويون آهن.
ان حوالي سان پاڪستان ايئرپورٽس اٿارٽي نوٽم جاري ڪيو آهي، جنهن موجب ڪراچي ۽ لاهور جي فلائيٽ انفارميشن ريجن جون مخصوص فضائي حدون پهرين مئي کان 31 مئي تائين هڪ مهيني لاءِ جزوي طور بند رهنديون.
نوٽم موجب ڪراچي ۽ لاهور جون مخصوص فضائي حدون صبح 4 وڳي کان صبح 8 وڳي تائين بند رهنديون، ان دوران ڪمرشل اڏامن جو فلائيٽ آپريشن متبادل روٽن ذريعي جاري رهندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.