ڪراچي (ويب ڊيڪس) پهلگام واقعي کانپوءِ بنا ڪنهن ثبوت جي پاڪستان تي الزام هڻڻ کانپوءِ مودي سرڪار کي اُٻهرائي ۾ کنيل قدم سبب دنيا جي ڪنڊ ڪرڇ مان تنقيد جو منهن ڏسڻو پئي رهيو آهي.
ڀارتي سُڌ سماءُ واري وزارت طرفان ڪيترن ئي پاڪستاني ڪرڪيٽرن ۽ فنڪارن جا سوشل ميڊيا اڪائونٽس ڀارت ۾ بند ڪيا ويا آهن.
جن پاڪستاني اداڪارن جا انسٽاگرام اڪائونٽس بلاڪ ڪيا ويا آهن، انهن ۾ مشهور اداڪارا ۽ ميزبان اُشنا شاهه پڻ شامل آهي.
اڪائونٽ بلاڪ ڪرڻ کانپوءِ اداڪارا اُشنا شاهه ڀارتي حڪومت جي ان فيصلي تي دلچسپ انداز ۾ ردعمل ڏيندي لکيو ته ” منهنجي دنيا ئي اُجڙي وئي، مودي جِي اِهو ڇا ڪَيئي؟“
اداڪارا پنهنجي پوسٽ ۾ روئڻ ۽ ٽٽل دل جا ايموجي به استعمال ڪيا.
اُشنا شاهه جي انهيءَ طنزيه تبصري سوشل ميڊيا ڏاڍو ساراهيو پيو وڃي، هڪ صارف لکيو ته ” ڪاش مودي کي هي ٺٺوک سمجهه ۾ اچي وڃي.“
هڪ ٻئي واهپيدار چيو ته ” جن کي تون سمجهائڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهين، کين عقل هجي ها ته اهڙو کِل جوڳو قدم نه کڻن ها.“
ياد رهي ته ان کان اڳ به مودي سرڪار ڪيترن ئي پاڪستاني فنڪارن جا سوشل ميڊيا اڪائونٽ بند ڪري ڇڏيا هئا، جن ۾ ماهره خان، هانيا عامر، ۽ علي ظفر شامل آهن.
ان کانسواءِ پاڪستاني ڪرڪيٽرن جا به سوشل ميڊيا اڪائونٽس ڀارت ۾ بند ڪيا ويا آهن.
You might also like