وزيراعظم سان چيني سفير جي ملاقات، پاڪستان جي ڀرپور حمايت جو اعلان

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ۽ ڀارت ۾ وڌندڙ ڇڪتاڻ جي موقعي تي چين پاڪستان جي ڀرپور حمايت جو اعلان ڪري ڇڏيو.
وزيراعظم شهباز شريف سان پاڪستان ۾ چيني سفير جيانگ زي ڊونگ ملاقات ڪئي، جنهن ۾ وزيراعظم موجوده صورتحال ۾ پاڪستان جي حمايت تي چين جا ٿورا مڃيا.
وزيراعظم چيو ته ڀارت جا قدم اسان جو ڌيان دهشتگردن تنظيمن خلاف ڪوششن تان هٽائي سگهن ٿا، ڀارت جو پاڻي کي جارحيت لاءِ هٿيار طور استعمال ڪرڻ جو فيصلو انتهائي افسوسناڪ آهي، سنڌ طاس معاهدي تحت ڪنهن ڌر کي هڪ طرفو فيصلو ڪرڻ جو حق ناهي، ڪشمير مسئلي جو پرامن حل ڏکڻ ايشيا ۾ پائيدار امن کي يقيني بڻائڻ جو واحد رستو آهي.
هن چيو ته پاڪستان هر قسم جي دهشتگردي جي مذمت ڪئي آهي، دهشتگردي خلاف جنگ ۾ پاڪستان 90 هزار جانين جو نذرانو پيش ڪيو.
چيني سفير پاڪستان جو نظريو ۽ حقيقتون سامهون رکڻ تي وزيراعظم جا ٿورا مڃيا ۽ چيو ته چين خطي ۾ امن لاءِ سدائين پاڪستان جي حمايت ڪندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.