تل ابيب (ويب ڊيسڪ) اسرائيل ۾ والاريل بيت المقدس ڀرسان ٻيلن ۾ خوفناڪ باهه ڀڙڪي پئي، جنهن جي نتيجي ۾ گهٽ ۾ گهٽ 23 ڄڻا زخمي ٿي پيا، جڏهن ته والاريل بيت المقدس ۽ تل ابيب وچ ۾ شاهراهه کي بند ڪيو ويو آهي، صيهوني حڪومت ملڪ ۾ ايمرجنسي جو اعلان ڪندي باهه تي ضابطي لاءِ عالمي برادري کان مدد طلب ڪري ورتي آهي.
ان باهه کي ڏهاڪي جي سڀ کان وڏي باهه قرار ڏنو پيو وڃي، فائر بريگيڊ عملو، ڪيترائي جهاز ۽ هيلي ڪاپٽر باهه وسائڻ جي ڪوششن ۾ مصروف آهن، جڏهن ته امدادي ڪارروائين ۾ مدد لاءِ فوج کي به طلب ڪيو ويو آهي پر باهه تي ضابطي ۾ ناڪامي سبب اسرائيل يونان، اٽلي، بلغاريا، ڪروشيا ۽ قبرص کي مدد جي اپيل ڪئي آهي.
اسرائيل جي فائر اينڊ ريسڪيو اٿارٽي جي ترجمان موجب باهه تقريبن 5 هزار ايڪڙ علائقي کي متاثر ڪيو آهي.
You might also like