ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستاني اداڪارا عليزي شاهه انڪشاف ڪيو آهي ته جڏهن هن ڪجهه ڏينهن لاءِ انسٽاگرام کان پاسو ڪيو ڪجهه خابرو ادارن سندس والدين کي فون ڪري سندس موت بابت سوال ڪرڻ شروع ڪيا، جيڪو نهايت تڪليف ڏيندڙ عمل هو.
اداڪارا ڪجهه ڏينهن اڳ سوشل ميڊيا ڇڏڻ جو اعلان ڪيو هو ۽ ان سان گڏوگڏ هڪ اسٽوري پڻ شيئر ڪئي هئي، جنهن ۾ هن سوشل ميڊيا کي ”دوزخ کان به بدتر جاءِ“ قرار ڏنو هو.
ساڳي وقت سندس انسٽاگرام بائيو به ڌيان جو مرڪز رهي، جنهن ۾ هن لکيو هو ته ” Not Dead“(مان مُئي نه آهيان).
هاڻي عليزي شاهه هڪ نئين انسٽاگرام اسٽوري ۾ ميڊيا، سوشل ميڊيا ۽ ماڻهن جي روين تي افسوس ۽ مايوسي جو اظهار ڪندي اپيل ڪئي آهي ته کيس جيئڻ ڏنو وڃي.
اداڪارا چيو ته ”مان ٽرولنگ، سخت تنقيد ۽ ناڪاري ڳالهين سبب نه رڳو ذهني طور پريشان آهيان، پر هاڻ مان جسماني طور به تڪليف محسوس ڪرڻ لڳي آهيان.“
عليزي شاهه چيو ته هن وٽ هاڻ رڳو هڪ رستو بچيو آهي ته هوءَ مڪمل طور ميڊيا ۽ سوشل ميڊيا کان پري رهي، جيئن پاڻ کي محفوظ رکي سگهي.
هن انڪشاف ڪيو ته ”ڪجهه ڏينهن اڳ جڏهن مون انسٽاگرام تان پنهنجون سڀئي پوسٽون ڊليٽ ڪيون، تڏهن مون پنهنجي بائيو ۾ واضح لکيو هو ته مان جيئري آهيان، پر ان جي باوجود ماڻهن مون بابت ڪوڙا افواهه پکيڙيا ۽ ڪجهه ٽي وي چينلن ته منهنجي والدين سان رابطو ڪري پڇڻ لڳا ته ڇا عليزي شاهه فوت ٿي وئي آهي؟“
اداڪارا سوال اُٿاريندي چيو ته ڪو سوچي سگهي ٿو ته ڪنهن ماءُ کان سندس ڌيءَ جي موت بابت پڇا ڪئي وڃي ته ان جي دل تي ڇا گذرندي؟
عليزي شاهه ميڊيا ۽ سوشل ميڊيا تي سندس خلاف بي بنياد مهم بند ڪرڻ جي اپيل ڪئي آهي.
هن وڌيڪ چيو ته هوءَ نٿي ڄاڻي ته ڪڏهن سوشل ميڊيا يا ڊرامن ۾ واپسي ڪندي، ڇو ته هاڻي شيون سندس برداشت کان ٻاهر ٿي چڪيون آهن ۽ هو تمام گهڻي ٿڪجي پئي آهي.