ڪراچي (ويب ڊيسڪ)پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان شاهد آفريدي ڀارت جي ڌمڪين تي ردعمل ڏيندي چيو آهي ته ڀارت اسان کي ڊيڄارڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي، پر هو اسان جي فوج جو مقابلو نٿو ڪري سگهي.
هڪ نجي ٽي وي چينل جي پروگرام ۾ ڳالهائيندي شاهد آفريدي چيو ته ڀارت طرفان ڏنل ڌمڪين سان اسان کي هيسائڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي، پر اسان ڊگهي عرصي کان جنگ واري حالت ۾ آهيون.
هن چيو ته اسان جي فوج هاڻ ايتري تربيت يافته ٿي چڪي آهي جو ڀارت جي فوج اسان سان مقابلو نٿي ڪري سگهي.
شاهد آفريدي وڌيڪ چيو ته دهشتگردي کي ڪير سپورٽ ڪري رهيو آهي؟ نه اسان جو ملڪ دهشتگردي جي حمايت ڪري ٿو ۽ نه ئي اسان جو مذهب.
اسان ڪيترن سالن کان دهشتگردي خلاف جنگ وڙهي رهيا آهيون، اسلام امن جو پيغام ڏئي ٿو.
You might also like