امير آزاد جي بدين ۽ ٻين شهرن ۾ آجيان، جدوجهد جاري رکڻ جو اعلان

 بدين/ماتلي /کورواهه(نمائندا) ايس يو پي جي مرڪزي نائب صدر امير آزاد پنھور جي حيدرآباد ،ٽنڊو محمد خان ،ماتلي، تلھار ،پيرولاشاري  اسٽيشن تي سوين ماڻھن گلن جا ھار پارايا ۽ گلن جي ورکا ڪئي ، سوين گاڏين جي جلوس سان امير آزاد ڊي سي چوڪ بدين پھتو .ڊي سي چوڪ بدين تي گڏ ٿيندڙ سوين ماڻھن کي خطاب ڪندي امير آزاد پنھور چيو ته  ٻٻرلو ڌرڻي ۾ ۽ ھن سڄي جدوجھد ۾ بدين بار ايسوسيئيشن جي دوستن  ۽ بدين جي عوام سٻ کان وڌيڪ ساٿ ڏنو .ھن چيو ته وري ڪارپوريٽ فارمنگ جي معاملي جي حل ٿيڻ تائين ڊگھي جدوجھد ڪرڻي آھي ڇو ته ھي حڪمران چالاڪ ۽ مڪار آھن انھن کي منھن ٽوڙ جواب ڏينداسين ،ھن اعلان ڪيو  ته ڪارپوريٽ فارمنگ واري معاملي تي سنڌ يونائيٽڊ پارٽي پاران 7 مئي کان گولاڙچي مان احتجاجي تحريڪ شروع ڪنداسين .ھن کان اڳ عوامي تحريڪ جي مرڪزي اڳواڻ   رام ڪولھي چيو ته بدين ضلعي جي وڪيلن ۽ سياسي سماجي تنظيمن جي وڌ ۾ وڌ ماڻھن ٻٻرلو ڌرڻي ۾ شرڪت ڪئي ، بدين جي عوام کي سلام آھي .ھن چيو ته درياء بچايو ،۽ ڌرتي بچايو  جي نعري کان سواء   ٻٻرلو ۾ ٻيو ڪو نعرو نه  ھو. ماتلي ۾ به ڪارڪنن ۽ شهرين پاران شاندار استقبال ڪيو ويو. هن موقعي تي آزاد پنھور تي گلن جي ورکا ڪئي وئي .

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.