ڪراچي (پ ر) سنڌ اسيمبلي اسپيڪر سيد اويس قادر شاهه مزدورن جي عالمي ڏهاڙي جي موقعي تي پاڪستان سميت سڄي دنيا جي پورهيتن کي دل جي گهراين سان ڀيٽا پيش ڪندي چيو آهي ته مزدور طبقو معيشت، سماج ۽ مستقبل جي تعمير ۾ وڏي اهميت رکي ٿو.
پنهنجي پيغام ۾ سنڌ اسيمبلي اسپيڪر چيو ته ڪنهن به قوم جي طاقت ان جي انهن پورهيتن سان هوندي آهي، جيڪي صبح سوير اٿن ٿا، ايمانداريءَ سان پورهيو ڪن ٿا ۽ پنهنجي خوابن کي پورو ڪرڻ لاءِ ڏينھن رات هڪ ڪن ٿا.
هن چيو ته پهرين مئي رڳو قربانين جي ياد جو ڏينهن ناهي پر اهو ڏينهن آهي، جنهن تي اسان اهو عهد ورجايون ٿا ته مزدورن جي حقن، سندن آواز ۽ وقار جي تحفظ لاءِ هميشه گڏ بيهنداسين.
اويس قادر شاهه زور ڏيندي چيو ته سنڌ هميشه پورهيتن لاءِ قانون سازي ۾ اڳڀري رهي آهي، سنڌ اسيمبلي گهريلو ملازمن، زرعي شعبي ۾ ڪم ڪندڙ عورتن ۽ غير رسمي شعبي جي مزدورن لاءِ مثالي قانون پاس ڪيا آهن.
تازي قدمن جو ذڪر ڪندي اسپيڪر چيو ته بينظير مزدور ڪارڊ رڳو سماجي تحفظ جو وسيلو ناهي پر اهو ان عزم جي علامت آهي ته هر رجسٽرڊ مزدور احترام لائق آهي، صحت، تعليم ۽ مالي مدد جهڙن فائدن ذريعي اسان چئون ٿا ته توهان ۽ توهان جي محنت بي حد قيمتي آهي.
سيد اويس قادر شاهه پورهيتن جي همت کي سلام پيش ڪندي چيو ته هر اهو مزدور جنهن مهانگائي، بي يقيني يا ناانصافيءَ جو بار برداشت ڪيو آهي، اسان انهن سان گڏ بيٺا آهيو،. توهان جي محنت احترام جي قابل آهي ۽ اسان اهڙي مستقبل لاءِ پُرعزم آهيون، جتي توهان جي محنت رڳو زنده رهڻ جو ذريعو نه پر باوقار زندگي جي ضمانت هجي.
عهد ورجايون ٿا ته مزدورن جي حقن ۽ وقار جي تحفظ لاءِ هميشه گڏ بيهنداسين: اويس قادر شاهه
You might also like