آمريڪا جو خطي ۾ امن لاءِ پاڪستان ۽ ڀارت تي گڏجي ڪم ڪرڻ تي زور

واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) آمريڪا ڀارت تي زور ڏنو آهي ته اهو ڇڪتاڻ گهٽ ڪرڻ ۽ ڏکڻ ايشيا ۾ امن ۽ سلامتي برقرار رکڻ لاءِ پاڪستان سان گڏجي ڪم ڪري.
آمريڪي پرڏيهي وزير مارڪو روبيو وزيراعظم شهباز شريف سان رابطي کانپوءِ ڀارتي پرڏيهي وزير جي شنڪر سان به ٽيليفونڪ گفتگو ڪئي ۽ پاڪستان سان گڏجي ڇڪتاڻ گهٽ ڪرڻ زور ڏنو.
هن چيو ته ڀارت پاڪستان سان گڏجي ڇڪتاڻ گهٽ ڪري ۽ ڏکڻ ايشيا ۾ امن ۽ سلامتي برقرار رکي.
آمريڪي پرڏيهي وزير ڀارتي هم منصب سان ٽيليفونڪ رابطي ۾ پهلگام حملي ۾ انساني جانيون ضايع ٿيڻ تي به افسوس جو اظهار ڪيو ۽ دهشتگردي خلاف ڀارت سان سهڪار لاءِ آمريڪي عزم جو اظهار ڪيو.
ان کان اڳ وزيراعظم شهباز شريف ۽ آمريڪي پرڏيهي وزير مارڪو روبيو وچ ۾ به ٽيليفونڪ رابطو ٿيو، جنهن ۾ وزيراعظم چيو ته دهشتگردي خلاف عالمي جنگ ۾ پاڪستان 90 هزار کان وڌيڪ جانين جي قرباني ڏني، جڏهن ته پاڪستان کي 152 ارب ڊالرن کان وڌيڪ جو مالي نقصان ٿيو.
مارڪو روبيو ڏکڻ ايشيا ۾ امن لاءِ ڌرين کي گڏجي ڪم جاري رکڻ جي ضرورت تي زور ڏنو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.