شاگرد يونين ٺاهڻ ۽ سياسي پارٽي جي ونگ جوڙڻ ۾ فرق آهي: آئيني بئنچ

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) سپريم ڪورٽ جي آئيني بينچ حڪومت پاران شاگرد يونين جي بحالي لاءِ جوڙيل ڪميٽي بابت تفصيلي رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي. جسٽس امين الدين خان جي سربراهيءَ ۾ 5 رڪني آئيني بينچ شاگرد يونين تي پابندي خلاف ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي. ٻڌڻي دوران ايڊیشنل اٽارني جنرل عامر رحمان موقف اختيار ڪيو ته حڪومت طلبا يونين جي بحالي لاءِ طريقيڪار جوڙڻ لاءِ هڪ ڪميٽي قائم ڪئي آهي، جيڪا عبوري رپورٽ به پيش ڪري چڪي آهي. جسٽس محمد علي مظهر ريمارڪس ڏيندي چيو ته ماضيءَ ۾ سڀني يونيورسٽين ۾ شاگرد سياسي ونگ بڻيل هئا، نئين طريقيڪار کي اهڙي ريت ترتيب ڏنو وڃي جو شاگرد صرف لاڳاپيل يونيورسٽي جا ئي هجن. هن چيو ته خانگي يونيورسٽين ۾ ڪو خاص مسئلو ناهي، سرڪاري يونيورسٽين ۾ مسئلا آهن، طلبا ويلفيئر ايسوسيئيشن ٺاهڻ هڪ الڳ ڳالهه آهي، سياسي جماعتن جي ونگ ٺاهڻ ٻي ڳالهه آهي، جيڪڏهن سياسي جماعتن جا ونگ هوندا ته پوءِ سياسي جهنڊا به يونيورسٽين ۾ ايندا. جسٽس شاهه بلال حسن ريمارڪس ڏيندي چيو ته معذرت سان چوان ٿو، هاڻ ته ادارا به سياسي جماعتن جا ونگ بڻجي ويا آهن، بار ڪائونسل ۽ بار ايسوسيئيشنز به سياسي جماعتن جا ونگ بڻجي ويون آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.