سنڌ ۾ پاڻي کوٽ باوجود ٽي پي ۽ سي جي لنڪ ڪئنال بند نه ٿيا، ٿل ڪئنال به وهندڙ

 ڪراچي(رپورٽ:خداڏنوشاھ)سنڌ ۾ گڊو وٽ پاڻي جي کوٽ مجموعي طور 44 سيڪڙو پهچڻ باوجود پنجاب تڪراري ٽي پي ۽ سي جي لنڪ ڪئنال بند نه ڪيا آهن. جڏهن ته سي جي لنڪ ذريعي 84 آر ڊي وٽان سمورو پاڻي تڪراري گريٽر ٿل ڪئنال کي ڏنو پيو وڃي, روزاني عوامي آواز کي مليل دستاويز معلومات موجب سنڌ ۾ پاڻي جي اجتماعي کوٽ 44 سيڪڙو تائين پهچي ويئي آهي, جڏهن ته مئي جي پهرين ٽين ڊيليز موجب بئراجن جي حساب سان گڊو بئراج کي 3700 ڪيوسڪ پاڻي ملڻ کپي پر ان جي ڪئنالن کي کوٽ سبب بند رکيو ويو آهي جنهن سبب گڊو بئراج تي پاڻي جي کوٽ 100 سيڪڙو آهي , سکر بئراج کي 35100 ڪيوسڪ جي جاء تي رڳو 24 هزار ڪيوسڪ پاڻي فراهم ڪيو ويو آهي ,جتي پاڻي جي کوٽ 32 سيڪڙو تائين پهچي ويئي آهي, ڪوٽڙي بئراج جي ڪئنالن کي 12300 ڪيوسڪ جي جائي تي رڳو 4800 ڪيوسڪ  پاڻي ڏنو ويو آهي جنهن ڪري اتي پاڻي جي کوٽ 61 سيڪڙو ٿي ويئي آهي اهڙي ريت مجموعي طور تي سنڌ ۾ پاڻي جي کوٽ 44 سيڪڙو تائين پهچي ويئي آهي جيڪا انتهائي خطرناڪ آهي , ارسا ۽ پنجاب سنڌ ۾ پاڻي جي بدترين کوٽ باوجود ٽي پي لنڪ ڪئنال جي کڻت وڌائي 6882 ڪري ڇڏي آهي جڏهن ته تڪراري سي جي لنڪ ڪئنال ذريعي 2000 ڪيوسڪ پاڻي کڻي آرڊي 84 وٽان تڪراري گريٽر ٿل ڪئنال کي ڏنو پيو وڃي. پنجاب سنڌو درياھ تان ٿل ڪئنال ۾ 6500 , ڊيرا غازي خان ۾ 1700 ڪيوسڪ کڻي رهيو آهي ۽ ڪي پي جي سي آر بي سي ۾ ڇڏيل 4050 مان پڻ 1500 ڪيوسڪ پاڻي کڻي رهيو آهي.هن وقت مجموعي طور تي ڊيمن ۾ 1.720 ملين ايڪڙ فوٽ پاڻي جمع ڪري چڪو آهي. پنجاب جهلم درياھ ۾ ايندڙ 43500 مان 32000 هزار ڪيوسڪ ڪئنالن ۾ کڻي پيو ۽ 11500 ڪيوسڪ گڏ ڪيو آهي اهڙي ريت چناب درياھ ۾ ايندڙ 27600 ڪيوسڪ پاڻي سمورو پنجاب استعمال ڪري رهيو آهي ۽ پنجند وٽ 5100 ڪيوسڪ پاڻي باوجود سنڌ کي هڪ ڦڙو به ناهي ڏنو ويو, سنڌ جي ڪئنالن کي اڄ پهرين مئي تي 51000 ڪيوسڪ پاڻي فراهم ڪرڻو هو جتي اڄ فقط 27900 ڪيوسڪ پاڻي فراهم ڪيو ويو آهي . سنڌ جي 60 هزار واري انڊنٽ باوجود ارسا اڄ کان 10 هزار ڪيوسڪ پاڻي وڌيڪ ڇڏيو آهي جيڪو گڊو بئراج تي 11 ڏينهن کان پوء پهچندو ۽ مئي جي ٻي ٽين ڊيليز ۾ سنڌ جي ڪئنالن جي ضرورت وري وڌي ويندي ۽ سنڌ ۾ ايندڙ ويهن ڏينهن تائين پاڻي جي کوٽ 40 کان 45 سيڪڙو برقرار رهڻ جو امڪان آهي. هوڏانهن سنڌ آبادگار بورڊ جي ترجمان اسلم نواز مري چيو آهي ته سنڌ سان سخت بيواجبي ٿي رهي آهي، سنڌ جي پاڻي تي ڌاڙو پيو لڳي پر سنڌ سرڪار الائي ڇو خاموشي اختيار ڪئي آهي, قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ اياز لطيف پليجي روزاني عوامي آواز سان ڳالهائيندي چيو ته آئون مسلسل سنڌ ۾ هلان پيو، سنڌ ۾ پاڻي جي بدترين کوٽ آهي، اياز لطيف پليجي چتاءُ ڏيندي چيو هي ته جيڪڏهن سنڌ کي پورو پاڻي نه ڏنو ويو ته قومي عوامي تحريڪ پاڻي تي ڌاڙي خلاف ڀرپور احتجاج ڪندي, هوڏانهن سنڌ جي آبپاشي کاتي واري سيڪريٽري ظريف کيڙي سان رابطي ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ويئي پر ساڻس رابطو نه ٿي سگهيو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.