مزدور تحريڪ جي ڪمزوري سبب سياسي قوتون به ڪمزور ٿي ويون آهن:امداد قاضي

حيدرآباد(رپورٽر) ڪميونسٽ پارٽي آف پاڪستان، پاران مزدورن جي عالمي ڏينهن جي مناسبت سان اولڊ ڪيمپس کان حيدرآباد پريس ڪلب تائين مشعل بردار ريلي ڪڍي وئي، ريلي جي اڳواڻي ڪميونسٽ پارٽي جو سيڪريٽري جنرل ڪامريڊ امداد قاضي ۽ ڪامريڊ اقبال ڪري رهيو هو. ان موقعي تي ڪامريڊ امداد قاضي خطاب ڪندي چيو ته پاڪستان ۾ مزدور تحريڪ جي ڪمزوري سبب ملڪ ۾ جمهوري ۽ قومي حقن لاءِ سرگرم سياسي قوتون به ڪمزور ٿي ويون آهن. پورهيت سخت استحصال جو ڪامريڊ اقبال ۽ ڪامريڊ انيلا خطاب ڪندي چيو ته 2024ع جي ليبر ڪوڊ ته مزدورن جا تقريبن سڀ حق کسي ڇڏيا آهن. ٺيڪيداري نظام جي ڪري مزدورن لاءِ يونين ٺاهڻ، سوشل سيڪيورٽي يا اي او بي آءِ ۾ داخلا ملڻ مشڪل ٿيندي پئي وڃي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.